Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

سُيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: یَقْرَءُوْنَہٗ کَمَا اُنْزِلَ يعني ڪامِل اِيمان وارا اهي آهن جيڪي قرآنِ ڪريم جي اهڙي تِلاوت ڪن ٿا، جيئن قرآن نازِل ٿيو آهي۔([1]) مثال طَور قرآنِ ڪريم عربي ۾ نازِل ٿيو، لهٰذا قرآنِ ڪريم کي عربي لهجي ۾ ئي پڙھڻ لازم آهي، اسان قرآنِ ڪريم کي اُردو لهجي ۾، سنڌي لهجي ۾ يا ڪنهن ٻي لهجي ۾ نٿا پڙھي سگھون، قرآنِ ڪريم عربي ۾ آهي، ان کي عربي لهجي ۾ ئي پڙھيو ويندو۔ مثال طور ظاد پڙھڻ هي سنڌي لهجو آهي، ضاد پڙهڻ اهو عربي لهجو آهي، ظَوئے پڙھڻ سنڌي لهجو آهي، ظاء پڙھڻ، عربي لهجو آهي۔ لهٰذا تِلاوتِ قرآن جي حقوق مان آهي ته اسان عربي طرز ۽ لهجي ئي ۾ تِلاوت ڪيون، هن جي لاءِ اسان کي تجويد سکڻي پوندي، مدني قاعده سکڻو پوندو، اکرن جي دُرُست مخارج جي مشق ڪرڻي پوندي۔ پر افسوس جي ڳالھ آهي جو اڄڪلھ هڪ وڏو تعداد آهي جن کي دُرُست تجويد سان قرآنِ ڪريم ڏسي پڙهڻ نٿو اچي۔ ڪاش! اسان قرآنِ ڪريم سکڻ وارا بڻجي وڃون۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي قرآنِ ڪريم سکڻ جا کوڙ موقعا فراهم ڪري ٿي، وڏي عُمر جا جيڪي اسلامي ڀائر آهن، انهن کي درست تجويد ۽ قرائت سان قرآنِ ڪريم سيکارڻ جي لاءِ (اسلامي ڀائرن جا) مدرسة المدينه لڳايا ويندا آهن، اوهان به هن ۾ شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ! دُرُست تجويد ۽ قرائت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ اچي ويندو۔

یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے    ہر اک پرچم سے اُونچا پرچمِ اسلام ہو جائے

پيارا اسلامي ڀائرو! ” تلاوت جو حقِّ “ ڇا آهي، هن جي  وڌيڪ وَضَاحت ڪندي عَلَّامه بيضاوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: (2):اَلتَّدَبُّر فِي مَعنَاه (3):وَالعَمَل بِمُقتَضَاه يعني ڪامِل اِيمان وارا تِلاوت جو حق ادا ڪن ٿا، هن جو مطلب هي آهي ته اهي


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:121۔