Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

سفيان! توهان منهنجي حال ۾ ڪهڙي ڪمي ڏٺي! ڇا مان مسلمان نه آهيان...؟ اسلام اها عزت آهي جنهن سان ذِلّت نه آهي، اسلام اها مالداري آهي جنهن سان محتاجي نه آهي، اسلام اها محبت آهي، جنهن سان وحشت نه آهي۔ الله جو قسم! مان دُنيا جي حقيقي مالڪ (يعني الله پاڪ) کان به دُنيا گھرندي حياء ڪندي آهيان ته جيڪو دُنيا جو مالِڪ ئي نه آهي (مثال طور مالدار ماڻهو، ان) کان دُنيا ڪيئن گھران؟ اهڙي حڪمت ڀري گفتگو ٻُڌي حضرت سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه واپَس هليا ويا، سندن زبان تي هي لفظ هئا: مون اهڙي گفتگو ڪڏهن نه ٻڌي هئي۔([1])

دولتِ دنیا کے پیچھے تُو نہ جا       آخِرت میں مال کا ہے کام کیا؟

مالِ دنیا دو جہاں میں ہے وبال      کام آئے گا نہ پیشِ ذوالجلال([2])

 اي عاشقانِ رسول! حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا جي هن مبارڪ انداز تي غور فرمايو! هڪ ته هي جو پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا قناعت اِختيار ڪئي، ماڻهن اڳيان هٿ ڦهلائڻ پسند نه ڪيائون، ٻيو هن ڳالھ تي غور فرمايو ته حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا جي سامهون جڏهن سندن غُربت جو تذڪرو ڪيو ويو ته پاڻ يڪدم فرمايائون: اي سفيان! توهان منهنجي حال ۾ ڪهڙي ڪمي ڏٺي؟ ڇا مان مسلمان نه آهيان...؟ اسلام اها عزت آهي جنهن سان ذِلّت نه آهي، اسلام اها مالداري آهي جنهن سان محتاجي نه آهي۔

الله پاڪ اسان کي به حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا جي صدقي هر وقت نعمتن جو شُڪر ادا ڪرڻ جي توفيق عنايت فرمائي۔          اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔


 

 



[1]...وفیات الاعیان، جلد:1، صفحہ:328۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:709-710۔