Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

جا سڀ کان وڏا مفتي، سڀ کان وڏا امام ۽ مُجتَهد بڻجي ويا۔([1])

امام بُخَاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ حديث جا تمام وڏا امام آهن، سندن لکيل حديثِ پاڪ جو مشهور ڪتاب بُخَاري شريف تمام وڏي رُتبي وارو ڪتاب آهي، امام بُخاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ 10 سال هئي جڏهن کين پنهنجي صلاحيتن جي سڃاڻپ ٿي، جيئن ته پاڻ محنت ڪرڻ شروع ڪئي، اڃا سندن ننڍپڻ مبارڪ ئي هو ته پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  70 هزار حديث سڳوريون  زباني ياد ڪري ورتيون۔([2])

حُضُور مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي رُتبي واري هستي هئا، پاڻ انٽر ميڊيٽ (F.A) جا شاگرد هئا، هڪ ڏينهن لاهور جي جامع مسجد وزير خان ۾ هڪ جلسو منعقد ٿيو، ان جلسي ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا شهزاده حُجَّةُ الاِسلام مولانا حامِد رضا خان صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تشريف وٺي آيا هئا، مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪي ان وقت ننڍي ڄمار جا هئا، پاڻ به ان جلسي ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي پاڻ کي شهزاده اعليٰ حضرت مولانا حامِد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت ڪرڻ ۽ هٿ مبارڪ چُمڻ جي سَعَادت نصيب ٿي، بَس ڪامِل ولي جي زيارت جي برڪت هئي جو مولانا سردار احمد صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دِل جي دُنيا بدلجي وئي، پاڻ جلسي کان بعد حُجَّةُ الاِسلام مولانا حامِد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيائون: هاڻي مون کي دُنياوي عِلم ۾ دلچسپي ناهي رهي، مان ديني عِلم پڙھڻ چاهيان ٿو۔ حُجَّةُ الاِسلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کين پاڻ سان گڏ بريلي شريف وٺي ويا، اتي پاڻ عِلمِ دين سکندا رهيا، پوءِ اهو وقت به آيو جو مولانا سردار احمد صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان جي لقب سان مشهور ٿيا ۽ عِلم ۽


 

 



[1]...الخیرات الحسان، صفحہ:37۔

[2]...ہدایۃُ السَّارِی، جلد:1،  صفحہ:49۔