Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

گهمڻ ڦرڻ ۾ وقت ڪيئن ٿو برباد ڪري سگھان؟ اهو ٻڌي اهو اجنبي شخص هليو ويو، ڪجھ دير بعد وري ساڳيو شخص موٽي آيو، ان وري کين سير و تفريح تي هلڻ جي دعوت ڏني، پاڻ وري ساڳيو جواب دهرايائون۔ ٿوري دير کان بعد ٽئين ڀيري اهو ئي شخص آيو، هن ڀيري ان چيو: اوهان کي الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ياد فرمائي رهيا آهن۔ بَس اهو ٻڌڻو هو جوعَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بدن تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي ۽ پاڻ پيرين اگھاڙي ديدارِ محبوب جي لاءِ ڊوڙ پاتي۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شهر کان ٻاهر هڪ خُوش نصيب وڻ هيٺ جَلوه فرما هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڏسي مرڪي فرمايائون: اسان جي بار بار سڏڻ تي اوهان نه آيا؟ علامه تفتازاني عاجزي سان عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي خبر نه هئي ته اوهان ياد فرمائي رهيا آهيو؟ اوهان ته منهنجي ڪند ذِهني کي سمجھو ٿا، يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان اوهان جي پاڪ بارگاھ ۾ شِفَا جو طلب گار آهيان۔ عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فرياد ٻُڌي درياءِ رحمت جوش ۾ آيو، نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: پنهنجو وات کوليو! عَلَّامه تفتازاني وات کوليو ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو لُعاب مبارڪ ان جي وات ۾ وڌو ۽ دُعا به فرمائي۔

ٻي ڏينهن جڏهن عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪلاس ۾ پهتا ته پاڻ سبق دوران استاد صاحب کان ڪجھ علمي سُوال ڪيا، سندن باريڪ ۽ علمي سُوال ٻُڌي اُستاد صاحب قاضِي شيرازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اي مَسعُود! اڄ توهان ڪالھ وارا تفتازاني نه پيا لڳو۔ ٻڌاءِ! ڇا ماجرو آهي؟ عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه استاد کي