Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا ڀاءُ مولانا حَسَن رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خُوب لکيو آهي:

اُن کے جلووں میں ہیں یہ دلچسپیاں        جو وہاں پہنچا وہیں کا ہو گیا([1])

 وضاحت: هي ته حُضُور جانِ ڪائنات، فخر موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ جلوئن ۾، سندن مبارڪ ادائن ۾، سندن دِل کي وڻندڙ گفتگو ۾ اهڙي دلچسپي آهي ته جيڪو هڪ ڀيري حاضِر ٿي ويندو آهي، بَس اهو کين جو ئي ٿي ويندو آهي۔

دل میں گَھر کرتا ہے اعدا کے ترا شیریں سُخَنْ    ہے میرے شیریں سخن شُہرہ تری گفتار کا([2])

 حديثِ پاڪ جو باقي حِصو: اي عاشقانِ رسول! اهو شخص جنهن تي جلالِ نبوت جو رُعب طاري هو، جڏهن ان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سڪون ڀري گفتگو ٻڌي ته ان تي جيڪا ڏڪڻي هئي اها ختم ٿي وئي، هاڻي ان بارگاھِ رسالت ۾ پنهنجي حاجت عرض ڪئي۔ ان کان بعد سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيٺا ۽ فرمايائون: اي انسانو! بيشڪ مون ڏانهن وحي ڪئي وئي آهي ته توهان کي عاجزي اپنائڻ جو حڪم ڏيان۔ پوءِ عاجزي اِختيار ڪيو! توهان مان ڪو ٻي سان زيادتي نه ڪري، ڪو ڪنهن تي فخر نه ڪري۔ اي الله پاڪ جا ٻانهؤ! پاڻ ۾ ڀائر بڻجي وڃو۔([3])

 اي عاشقانِ رسول! اسان تي لازِم آهي ته اسان اسلام جي هن روشن تعليمات تي عمل ڪيون، الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا فرمانبردار بڻجون ۽ جيترو ٿي سگھي ٻين کي اِحسَاسِ ڪمتري


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:35۔

[2]...سامانِ بخشش، صفحہ:56۔

[3]...المواہب اللدنیہ، جلد:2، صفحہ:101۔