Qayamat Kay Din Kay Gawah

Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

حضرت عَلَّامه محمود آلوسي رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي وضاحت ۾ لکن ٿا: قيامت جي ڏينهن الله پاڪ اسان جي عضوون کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا فرمائيندو، پوءِ هر عُضو ٻانهي جي باري ۾ شاهدي ڏيندو ته هو انهن عضوئن سان ڪهڙو ڪم ڪندو هو۔([1])

افسوس! صَد ڪروڙ افسوس! ٿورو تَصَوُّر ته ڪريو! هي ڪيترو هوش اُڏائيندڙ منظر هوندو جو قيامت جي ڏينهن اسان جا عضوا اسان جي ئي خِلاف شاهدي ڏئي رهيا هوندا، پير ٻڌائيندا: موليٰ! هي فُلاڻي ڏينهن، فُلاڻي وقت فُلاڻي گُنَاھ جي هنڌ تي ويو هو، هٿ چوندا: موليٰ! هن اسان کي حرام ڪمائڻ، حرام کائڻ ۽ حرام معاملات ۾ استعمال ڪيو هو، اکيون چونديون: موليٰ! هي اسان جي ذريعي بدنگاهي ڪندو هو، فلمون ڊراما ڏسندو هو، ڪن شاهدي ڏيندا: موليٰ! هي اسان جي ذريعي ڳائڻ وڄائڻ ٻڌندو هو، بريون ڳالهيون ٻڌي مزو وٺندو هو، زبان چوندين: موليٰ! هي منهنجي ذريعي غيبت ڪندو هو، ڪوڙ ڳالهائيندو هو، چغلي ڪندو هو، لعن طَعن ٺٺول ڪندو هو، افسوس! ان وقت جڏهن اسان جي جسم جا عضوا ئي اسان جي خِلاف شاهد هوندا، ان وقت اسان پاڻ کي ڪيئن بچائي سگھنداسين؟ پنهنجي صفائي ۾ اسان وٽ ڪهڙو عُذر هوندو؟

افسوس! اي عاشقانِ رسول! هي زمين، هي ڏينهن ۽ رات، اسان جا عمل لکندڙ ملائڪ، ايستائين جو اسان جا اَعضَا، اسان جون اکيون، زبان، ڪن، هٿ، پير سڀئي اسان تي شاهد ٿيندا، ته ٻڌايو! نجات جي ڪهڙي راھ هوندي؟ ڇا ڪو عذر اسان وٽ باقي رهندو؟ نه رهندو پر افسوس! اسان نٿا سمجهون، اسان نٿا ڊڄون، اسان آخرت کي وساريون ٿا، دُنيا جي عارضي زِندگي، هتي جي وقتي عيش و عشرت تي خوش ٿيون ٿا، افسوس! نجات سخت دُشوار آهي، اسان پوءِ


 

 



[1]...تفسیرروح المعانی، پارہ:18، سورۂ نور، تحت الآیۃ:24، جزء:18، جلد:9، صفحہ:442۔