Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah
اَحاديث ۾ کوڙ اهڙا عمل بيان ٿيا آهن، جن تي عَمَل جي برڪت سان اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! بِلا حساب جنّت ۾ داخِلو نصيب ٿيندو۔ اچو! انهن مان ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا:
حضرت عائشه صِدِّيقه رَضِىَ الله عنۡها کان ئي روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي ٻانهي جو منهنجي ذِمي تي عهد آهي ته جيڪڏهن هو وقت تي نماز قائِم رکي ته مان ان کي عذاب نه ڏيندس بلڪه بي حساب جنّت ۾ داخِل ڪندس۔([1])
(2-3-4):حساب ۾ آساني ڏيارن وارا ٽي عمل
حضرت ابوهريره رَضِىَ الله عنۡه کان روايت آهي، سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: جنهن ۾ 3
خصلتون هجن، الله پاڪ ان جو
حساب آساني سان وٺندو ۽ ان کي پنهنجي رحمت سان جنّت ۾ داخِل فرمائيندو، اهي 3
خصلتون هي آهن: (1): جيڪو توکي محروم ڪري، تُون ان کي عطا ڪر
(2): جيڪو توهان سان تعلق ٽوڙي تون ان کان تعلق جوڙ (3): ۽ جيڪو تو تي ظلم ڪري تون ان کي
معاف ڪر۔([2])
هڪ روايت ۾ آهي: قيامت جي ڏينهن اعلان ٿيندو: جن جو اجر الله پاڪ جي ذمي تي آهي، هو اٿن ۽ جنّت ۾ داخِل ٿي وڃن، پڇيو ويندو: ڪن جو اَجر الله پاڪ جي ذمي تي آهي ؟ ٻڌايو ويندو: اهي جيڪي معاف ڪرڻ وارا آهن۔ هي ٻڌي هزارين ماڻهو اٿندا ۽ بِلاحساب جنّت ۾ داخِل ٿي ويندا۔([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! آخرت جي حساب ۽ ان جي سنگيني جي نسبت هي