Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah
* غم، پريشاني * ۽ آفات و بليات (Misfortunes) وغيره کان حفاظت جا مختلف اوراد و وظائِف به شامِل آهن۔ پنهنجي اسمارٽ فون ۾ هي اپيلي ڪيشن ڊاؤن لوڊ ڪريو! پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي ترغيب به ڏياريو۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
قبرستان جي حاضري جون سنتون ۽ آداب
ٻه فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشميصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): قبرن جي زيارت ڪيو، ڇوته هي دنيا کان بي رغبتي جو سبب ۽ آخرت جي ياد ڏياريندي آهي۔([2]) (2): جيڪو پنهنجي والدين ٻنهي يا هڪ جي قَبر جي هر جمعي جي ڏينهن زيارت ڪندو، اُن جي مغفرت ٿي ويندي، ۽ نيڪو ڪار لکيو ويندو۔([3])
اي عاشقانِ رسول! * مسلمانن جي قبرن جي زيارت سنت ۽ مزاراتِ اولياء ِڪرام و شُهداءِ عظام جي حاضري سعادت بلڪ وڏي سعادت ۽ ايصالِ ثواب مَندُوب (يعني پسنديده) آهي * مزار شريف يا قبر جي زيارت لاءِ ويندي واٽ تي فضول ڳالهين ۾ مشغول نه ٿيو. * قَبر کي سجده تعظيمي ڪرڻ حرام آهي ۽ جيڪڏهن عبادت جي نيت هجي ته ڪفر آهي. * قبرستان ۾ ان عام رستي کان وڃو جتي ماضي ۾ به ڪڏهن ڪنهن مسلمان جون قبرون نه