Qayamat Kay Din Kay Gawah

Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام صُور ڦوڪيندو، صُور جو هولناڪ آواز ٻُڌي سڀئي مُردَا قبرن مان اُٿي بيهي رهندا، سڀني کي هڪلي ميدانِ محشر ۾ گڏ ڪيو ويندو، هي زمين ٽارمي جي زمين سان بدلي ويندي، آسمان وڪوڙيو ويندو، سج سوا ميل تي رهي باھ وسائي رهيو هوندو، جهنّم کي آندو ويندو، ان جي پشت تي وار کان سنهي، تلوار کان تيز، اونداھي ۾ ٻُڏل پُل صِراط رکيو ويندو، قهر کي منهن ڏيڻو پوندو، ماڻهو پگھر ۾ شل هوندا، ڪي پنهنجي ئي پگھر ۾ غوطا کائي رهيا هوندا، ربّ قَهار جَلَّ جَلَالُه ان ڏينهن ايترو غضب فرمائيندو جو اهڙو غضب ان ڪڏهن ناهي فرمايو، وڏو عرصو انهيء حال ۾ گذري ويندو، پوءِ ڪڏهن وڃي حساب شروع ٿيندو۔

هاڻي ٿورو تَصَوُّر ڪريو! هن صُورتِ حال ۾ اسان کي پُڪاريو ويندو: اي فُلاڻا پٽ فُلاڻي جا! رَبّ

جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي...!! افسوس! هن غضبناڪ پُڪار تي اسان لنوائينداسين، ڊڄنداسين، منهن لڪائينداسين، پر افسوس! ان ڏينهن ڪير آهي جيڪو لڪي سگھندو...؟ ملائڪ ڇڪي رَبِّ جبّار و قَهار جَلَّ جَلَالُه جي بارگاھ ۾ پيش ڪندا، افسوس! صد ڪروڙ  افسوس! اهڙي هولناڪ منظر ۾ اسان پنهنجي هڪ هڪ عَمَل جو حساب ڪيئن ڏئي سگھنداسين؟ اسان جو اَعمَالنامو اسان جي هٿن ۾ ڏنو ويندو، اسان جي هر ننڍي کان ننڍو، وڏي کان وڏو عَمَل اَعمَال نامي ۾ لکيل هوندو، مُجرِم پُڪاريندا:

یٰلَیْتَنِیْ لَمْ اُوْتَ كِتٰبِیَهْۚ(۲۵) وَ لَمْ اَدْرِ مَا حِسَابِیَهْۚ(۲۶) یٰلَیْتَهَا كَانَتِ الْقَاضِیَةَۚ(۲۷) مَاۤ اَغْنٰى عَنِّیْ مَالِیَهْۚ(۲۸) هَلَكَ عَنِّیْ سُلْطٰنِیَهْۚ(۲۹) (پاره:29،سورۂ حاقّۃ:25 تا 29)

ترجَموڪنزُالعرفان: اي ڪاش جو مونکي منهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها. ۽ مان نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڪهڙو آهي. اي ڪاش جو دنيا جو موت ئي (منهنجو ڪم) تمام ڪرڻ وارو ٿي وڃي ها. منهنجو مال منهنجي ڪنهن ڪم نه آيو. منهنجو سڄو زور ويندو رهيو.