Dawateislami Islah e Muashra

Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

دين سيکاريو ويندو آهي، هفتيوار اجتماع علمِ دين سکڻ ۽ ظاهري باطني اصلاح جو بهترين ذريعو آهي * هفتيوار مدني مذاڪرو: شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر ڇنڇر جي رات مدني چينل تي براهِ راست (Live) مدني مزاڪرو فرمائيندا (يعني سڄي دنيا جي عاشقانِ رسول جي سوالن جا جوابَ ڏيندا) آهن الله پاڪ جي فضل سان مدني مذاڪرو شريعت ۽ طريقت، علمِ ظاهر ۽ علمِ باطن سکڻ جو بهترين ذريعو آهي * ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: درس. عاشقانِ رسول مسجدن ۾ درس ڏيندا آهن، ان سان به علمِ دين عام ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح گهٽين بازارن، اسڪولن، ڪالجن وغيره ۾ چوڪ درس به ٿيندو آهي، اهي ماڻهو جيڪي مسجد جي حاضريءَ کان محروم رهندا آهن يا ڪنهن سبب مسجد ۾ درس ٻڌڻ کان محروم رهندا آهن، چوڪ درس جي برڪت سان انهن تائين به علمِ دين پهچندو آهي * ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو، عاشقانِ رسول نمازِ فجر کان بعد مسجدن ۾ هي حلقو لڳائيندا آهن، ان ۾ تفسير صراطُ الجنان مان 2 صفحات ترجمو ۽ تفسير سان گڏ پڙهڻ ٻڌڻ جي ترڪيب ٿيندي آهي، درسِ فيضان سنّت به ٿيندو آهي ۽ اَوراد ۽ وظائف به پڙهيا ويندا آهن * مدني قافلو: علمِ دين سکڻ، ٻين تائين پهچائڻ ۽ پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش جو بهترين ذريعو آهي، الحمد لله! سڄي دنيا ۾ لکين لکَ عاشقانِ رسول 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهيني ۽ 12 مهينن جي مدني قافلن ۾ سفر ڪندا رهندا آهن، هي خوش نصيب پاڻ به علمِ دين سکندا آهن ۽ ٻين تائين به پهچائيندا آهن. * هفتيوار رسالو مطالعو: هر هفتي سڄي دنيا جي عاشقانِ رسول کي هڪ رسالو پڙهڻ جو هدف ڏنو ويندو آهي. مختصر ۽ نهايت ئي معلوماتي رسالو آهي، الحمد لله! دنيا ڀر جا لکين لکَ عاشقانِ رسول هي رسالو پڙهڻ يا آڊيو (Audio) ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. * اهڙيءَ طرح