Dawateislami Islah e Muashra

Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

دعوتِ اسلامي جو خاص علمي ۽ تحقيقي شعبو آهي: المدينةُ العلميه (اسلامڪ ريسرچ سنٽر). هن شعبي ۾ مدني علماءِ ڪرام نَون نَون موضوعات تي ديني ڪتابَ ۽ رسالا لکندا ۽ مطالعي جا شوقين حضرات جي علمي اُڃَ مٽائڻ جو سبب بڻجندا آهن. * اهڙيءَ طرح دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو آهي: دارُ السُّنه: ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ مختلف شهرن ۾ هي شعبو قائم آهي، هن شعبي جي خاص ڳالھ هيءَ آهي ته هن ۾ وقت جي ڪا پابندي ناهي، جيڪو جيترو وقت آسانيءَ سان ڏئي سگهندو هجي، دارُ السُّنّه تي اچي ۽ علمِ دين سکڻ جي سعادت حاصل ڪري. * مدني چينل: هڪ برقي (Electric) مبلغ، جيڪو الله پاڪ جي فضل سان گهر گهر پهچي ڪري علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، الحمد لله! مدني چينل تي ڪا مشهوري (Advertisement) ناهي ايندي، ساز ۽ ميوزڪ کان بلڪل پاڪ آهي، 24 ڪلاڪن ۾ جڏهن به توهان کي موقعو ملي، مدني چينل آن ڪريو ۽ علمِ دين جي موتين سان جهوليون ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيو، الحمد لله! مدني چينل دعوتِ اسلامي جو اهو ممتاز ۽ بي مثال ڪارنامو آهي، جنهن معاشري ۾ هزارين ماڻهن جي زندگين کي بدلائي ڇڏيو آهي، مدني چينل گهر ويٺي علمِ دين سيکاريندو ۽ گهرن کي امن جو گهوارو بڻائيندو آهي * سوشل ميڊيا: ڪمپيوٽر جي هن دور ۾ ٽيڪنالوجي پنهنجي عروج کي ڇهي رهي آهي. الحمد لله! دعوتِ اسلامي هن جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عَمل آهي، فيس بڪ (Facebook) انسٽا گرام (Instragram) واٽس ايپ (Whats App) ٽوئٽر (Twitter) ۽ يوٽيوب (Youtube) وغيره تي دعوتِ اسلامي جا مختلف پيجز ٺهيل آهن، ويب سائٽس (Websites) به آهن جنهن جي ذريعي قرآن ۽ سنّت جو پيغام عام ڪيو پيو وڃي، دعوتِ اسلامي جو (I.T) ڊيپارٽمنٽ مختلف ايپليڪيشنز ٺاهيندو آهي، مثال طور تفسير صراطُ الجنان موبائل ايپليڪيشن: هن ايپليڪيشن جي ذريعي قرآن