Dawateislami Islah e Muashra

Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

ملي وڃي ته واقعي ماڻهو سڌري سگهي ٿو، جيڪڏهن الله نه ڪري نيڪ صحبت نه ملي ته سڌرڻ تمام مشڪل آهي، برا دوست سڌريل انسان کي ٻيهر برو بڻائي ڇڏيندا آهن.

  حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪَشۡفُ الۡمَحۡجُوب ۾ فرمائن ٿا: هڪ شخص طواف جي دوران صرف هيءَ ئي دعا ڪري رهيو هو: اَللّٰہُمَّ اَصْلِحْ اَخَوَانِی اي الله پاڪ! منهنجي دوستن کي نيڪ بڻاءِ. ڪنهن پڇيو: هن مقام تي توهان پنهنجي لاءِ دعا ڇونه ٿا گهرو؟ صرف دوستن جي لاءِ ئي ڇو دعا گهري رهيا آهيو؟ ان نيڪ شخص نهايت ئي ڪمال جو جواب ڏنو، چيائين: مونکي هتان موٽي ڪري پنهنجي دوستن وٽ ئي وڃڻو آهي، جيڪڏهن منهنجا دوست نيڪ ٿي ويا ته مونکي به نيڪين تي استقامت ملي ويندي، جيڪڏهن دوست نيڪ نه ٿيا ته انهن جي خرابي مونکي به پهچي ڪري رهندي. تنهنڪري مان دوستن جي لاءِ دعا ڪري رهيو آهيان. ([1])

  معلوم ٿيو: نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ جي لاءِ نيڪ صحبت ملڻ تمام ضروري آهي پر اڄوڪي دور ۾ نيڪ صحبت ملي وڃي، هي به تمام مشڪل ڳالھ آهي، گناھن جو اهڙو سيلاب آيل آهي جو نيڪ ماڻهو ڳولهڻ کان به نه ٿا ملن، خاص ڪري نوجوان طبقي ۾ نيڪ ملي وڃي، تمام مشڪل آهي. ايئن ناهي جو نيڪ ماڻهو دنيا ۾ آهن ئي ڪونه، ڏکيائي هي آهي ته ملندا تمام مشڪل سان آهن.

  الحمدلله! هي به دعوتِ اسلامي جو ڪارنامو آهي ته دعوتِ اسلامي نيڪ صحبت جي فراهمي کي آسان بڻايو آهي. اڄ کان تقريباً 41 سال پهريان هڪ مردِ قلندر اٿيو هو، ان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ شروع ڪئي، چراغ مان چراغ روشن ڪيا، اڄ الحمد لله! سڄي دنيا ۾ لکين، ڪروڙين عاشقانِ رسول


 

 



[1]...کشف المحجوب مترجم، صفحہ:499بتغیر۔