Book Name:Dawateislami Islah e Muashra
فائدو آهي جو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو. ([1])
میں نیکی کی دعوت کی دھومیں مچاؤں تُو کر ایسا جذبہ عطا یاالٰہی!
جنّتُ الفردوس ڪنهن جي لاءِ آهي؟
حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن: جنّت الفردوس خاص ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو نيڪي جو حڪم ڏي ۽ برائيءَ کان منع ڪري. ([2])
معاشري جي اصلاح دين جو بنيادي مقصد آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! معاشري جي اصلاح دين جو اهم ۽ بنيادي مقصدن مان اهم ترين مقصد آهي. سيپارو: 13 سورة ابراهيم، آيت: 1 ۾ الله فرمائي ٿو:
الٓرٰ ۟ کِتٰبٌ اَنۡزَلۡنٰہُ اِلَیۡکَ لِتُخۡرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ۬ۙ (سيپارو: 13 سورة ابراهيم: آيت 1) ترجموڪنزالعرفان: الٓرٰ. هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو اسان اوهان جي طرف نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهان ماڻهن کي انهن جي ربَّ جي حڪم سان اونداهين مان روشنيءَ جي طرف آڻيو
معلوم ٿيو: قرآنِ ڪريم جي نزول جو هڪ اهم مقصد هي به آهي ته ان جي ذريعي معاشري (Society) جي ماڻهن کي اونداهيءَ مان ڪڍي ڪري نُور ۽ روشنيءَ ۾ آندو وڃي. جيڪي ڪفر جي اونداهين ۾ گمراھ ٿي رهيا آهن، انهن کي ايمان جي نور جي طرف آندو وڃي * جيڪي گناھن جي اونداهيءَ ۾ آهن، انهن کي نيڪي جي نور جي طرف آندو وڃي * جيڪي جهالت جي اونداهيءَ ۾ آهن، انهن کي علم جي نور سان سينگاريو وڃي * جيڪي بد اخلاقي ۽ بري ڪردار جي اونداهيءَ ۾ آهن، انهن کي اعلٰي اخلاق ۽ ڪردار جي نور جي