Dawateislami Islah e Muashra

Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

ٻڌي ته ضمير جاڳيو ته اڄوڪي رات الله پاڪ وڏن وڏن گناھگارن جي بخشش فرمائي ڇڏيندو آهي پر هاءِ! نشو ڪرڻ وارو بد نصيب هن رات به مغفرت کان محروم رهندو آهي، هي سوچي ڪري مان تڙپي ويس، انهن اسلامي ڀائرن جي محنت رنگ لاتو ۽ مان انهن سان گڏ ئي مسجد جي طرف هليس، مون غسل ڪيو، ڪپڙا تبديل ڪيا، هاءِ! اڄ مان 16 سالن کان بعد مسجد ۾ داخل ٿي رهيو هيس، جڏهن مون نماز جي نيت ڪئي ته مون تي رقت طاري ٿي وئي، منهنجي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا، مان ڪافي دير تائين پنهنجي گناھن کي ياد ڪري ڪري روئيندو رهيس، الله پاڪ کان معافي گهرندو رهيس. اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تي ۽ دعوتِ اسلامي تي ربِّ ڪريم جون ڪروڙين رحمتون نازل ٿين جو انهن جي بدولت هڪ ڀڳل غلام پنهنجي مولا جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ويو. ([1])

آ جاؤ گنہگارو! بدکارو! سیہ کارو!         بے شک رہِ جنّت ہے دعوتِ اسلامی

اسلام کی دعوت  ہے، یہ دعوتِ اسلامی اور داعِیِ سنّت ہے ، یہ دعوتِ اسلامی

  پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي توهان جي دعوتِ اسلامي...!! جنهن کان بيزار ٿي ڪري گهر وارن گهر مان ڪڍي ڇڏيو، ماڻهو جنهن کان نفرت ڪندا هئا، معاشري جو اهو شخص جنهن جي زندگي ۾ چئن ئي پاسي کان اونداهي ئي اونداهي هئي، دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول ان کي به شفقت ڏني، ان جي زندگي ۾ به روشني آئي ۽ 16 سال گناھن جي اونداهيءَ ۾ ٻڏل شخص، توبھ جي نور سان مُنَّور ٿي ويو.

 الحمدلله! دعوتِ اسلامي جو هيءُ ئي ڪم آهي * هلندڙ دور ۾ جڏهن ڀاءُ ڀاءُ جو گريبان پڪڙي رهيو آهي، دعوتِ اسلامي محبت جا گل ورهائي رهي آهي * هلندڙ دور ۾ اولاد پوڙهي والدين کان تنگ اچي ڪري اَولڊ هائوس (Old


 

 



[1]...ہِیرَ وئِنچِی کی توبہ،صفحہ:11-12 ملخصاً۔