بسم اللہ Sharif ki Barkat

Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

اعظم رَضِىَ الله عَنْه کي خط لکيو ته مونکي هميشه مٿي جي سور جي شڪايت (Complaint) رهي ٿي جيڪڏهن توهان وٽ هن جي دوا هجي ته موڪليو! حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ الله عَنْه ان کي هڪ ٽوپي موڪلي، قيصرِ روم ان کي پائيندو هو  ته ان جي مٿي جو سور هليو ويندو هو ۽ جڏهن مٿي تان لاهيندو هو ته مٿي جو سور ٻيهر موٽي ايندو هو. ان کي وڏو تعجب ٿيو. آخر ڪار ان ٽوپيءَ کي کوليو ته ان ۾ هڪ ڪاغذ نڪتو جنهن تي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکيل هئي. ([1])

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان هي معلوم ٿيو ته جنهن کي مٿي ۾ سور هجي اهو هڪ ڪاغذ تي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکي ڪري يا لکرائي ڪري ان جو تعويذ مٿي تي ٻڌي ڇڏي. لکڻ جو طريقو هي آهي ته نه ڊهڻ واري مَس مثال طور بال پوائنٽ سان لکو ۽ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم جي ھ ۽ ٽنهي م جا دائرا کليل رکو، تعويذ لکڻ جو اصول هي آهي ته آيت يا عبارت لکڻ ۾ هر دائري واري اکر جو دائرو کليل هجي يعني هن طرح مثال طور ط، ظ، ه، ھ، ص، ض وغيره. اعراب لڳائڻ ضروري ناهن، لکي ڪري موم جامو (يعني موم ۾ آلو ڪيل ڪپڙي جو ٽڪرو ويڙهيو) يا پلاسٽڪ ڪوٽنگ (Plastic Coating) ڪري وٺو پوءِ ڪپڙي، ريگزين يا چمڙي (Leather) ۾ تعويذ ٺاهي وٺو، ۽ مٿي تي ٻڌي ڇڏيو جنهن کي عمامو شريف جو تاج سجائڻ جي سعادت حاصل آهي اهي چاهين ته عمامي شريف جي ٽوپيءَ ۾ سبي ڇڏين. جيڪڏهن يقين ڪامل هوندو ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! مٿي جو سور ختم ٿي ويندو.

   پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! سون يا چانديءَ يا ڪنهن به ڌات جي ڊٻيءَ ۾ تعويذ پائڻ مرد جي لاءِ جائز ناهي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به ڌات جو زنجير توڙي جو ان ۾ تعويذ هجي يا نه هجي مرد کي پائڻ ناجائز ۽ گناھ آهي. اهڙيءَ طرح سون (Gold) چاندي (Silver) ۽ اسٽيل وغيره ڪنهن به ڌات جي تختي يا ڪڙو جنهن تي ڪجھ لکيل هجي يا نه لکيل هجي توڙي جو الله پاڪ جو مبارڪ


 

 



[1]... تفسیر کبیر ،پارہ:1، سورۂ فاتحہ،جلد: 1، صفحہ:155