بسم اللہ Sharif ki Barkat

Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

جڳھ تان رزق عطا فرمائيندو جتان ان جو گمان به نه هوندو ۽ (روزانو پڙهڻ سان) اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هڪ سال جي اندر اندر وڏو امير ٿي ويندو. (4): ڪمزور ذهن وارو جيڪڏهن بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم 786 ڀيرا (اوّل آخر هڪ ڀيرو درود شريف) پڙهي ڪري پاڻيءَ تي دم ڪري پئي ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جو حافظو مضبوط ٿي ويندو جيڪا ڳالھ ٻڌي ياد رهي. (5): جيڪڏهن ڏڪار هجي ته بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم 61 ڀيرا (اوّل آخر هڪ ڀيرو درود شريف) پڙهو (پوءِ دعا ڪريو) اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  بارش ٿيندي. ([1]) (6): بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم ڪاغذ تي 35 ڀيرا (اوّل آخر هڪ ڀيرو درود شريف) لکي ڪري گهر ۾ لٽڪائي ڇڏيو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! شيطان جو گذر نه ٿيندو ۽ خوب برڪت ٿيندي. جيڪڏهن دڪان ۾ لٽڪايو ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  ڪاروبار خوب چمڪندو. (7): پهرين محرمُ الحرام جو بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم 130 ڀيرا لکي ڪري يا (لکرائي ڪري) جيڪو به پاڻ وٽ رکي (يا پلاسٽڪ ڪوٽنگ ڪرائي ڪپڙي، ريگزين يا چمڙي ۾ سبرائي ڪري پائي ڇڏي) اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! سڄي عمر  ان کي يا ان جي گهر ۾ ڪنهن کي ڪا برائي نه پهچندي.  (8): بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم 70 ڀيرا لکي ڪري ميّت جي ڪفن ۾ رکي ڇڏيو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  مُنڪر نڪير جو معاملو آسان ٿي ويندو. ([2])  (بهتر هي آهي ته ميّت جي چهري جي سامهون قبلي طرف ڀت ۾ محراب جيان طاق بڻائي ڪري ان ۾ رکي ڇڏيو گڏوگڏ عهد نامو ۽ ميّت جي پير صاحب جو شجرو وغيره به رکي ڇڏيو.) (9): ڪپڙا لاهڻ وقت بِسۡمِ الله پڙهي وٺڻ سان جنّات اوگهڙ نه ٿا ڏسي سگهن. ڪمري جو دروازو، دريون، الماڙي جا خانا جيترا ڀيرا به کوليو بند ڪيو پڻ لباس، ٿانوَ وغيره هر شيءِ رکندي کڻندي هر ڀيري بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهڻ جي عادت بڻائي ڇڏيو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  سرڪش جنّات توهان جي گهر ۾ داخل ٿيڻ، چوري ڪرڻ توهان جون شيون استعمال ڪرڻ کان رڪجي ويندا. ([3]) (10): مٿي ۾ تيل وجهڻ کان پهريان بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم


 

 



[1]... شمسُ المعارف مترجَم ،صفحہ:74  بتغیر قلیل۔

[2]. شمسُ المعارف مترجَم ،صفحہ:75  بتغیر قلیل

..[3].عَمَلُ الْیَوْمِ واللیلۃ لا بن سُنّی ،باب التسمیۃ عند الجلوس علی الخلاء،صفحہ:30 ،حدیث:21 ماخوذاً