بسم اللہ Sharif ki Barkat

Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

ڪري مَعاذَ الله! ان کي قتل ڪرائي ڇڏين.

   ڇوڪريءَ جو پيءُ وقت جي بادشاھ جو وزير هو، هڪ ڏينهن ان شاهي مهر واري منڊي ڌيءُ کي رکڻ جي لاءِ ڏني، ڇوڪريءَ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري منڊي ورتي ۽ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري کيسي ۾ وجهي ڇڏي. رات جو جڏهن اها سمهي رهي ته سندس پيءُ ان جي کيسي مان منڊي ڪڍي ڪري درياء ۾ اڇلائي ڇڏي. هڪ مڇيءَ اها منڊي ڳهي ڇڏي. صبح جو هڪ شڪاري ڄار هنيو ته اتّفاق سان اها ئي مڇي ڄار ۾ ڦاسي پئي، ان کڻي ڪري وزير کي تحفي طور ڏني، وزير پچائڻ جي لاءِ ڇوڪريءَ جي حوالي ڪري ڇڏي. ڇوڪريءَ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري مڇي ورتي، جڏهن بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري ان جو پيٽ چيريائين ته ان مان منڊي نڪري پئي، ان بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري کيسي ۾ رکي ڇڏي ۽ مڇي پچائي ڪري پيءُ جي اڳيان رکي ڇڏي، کاڌو کائڻ کان بعد جڏهن درٻار جو وقت ٿيو، پيءُ ڇوڪريءَ کان منڊي (Ring) گهري، ان نو مسلم ڇوڪريءَ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري کيسي مان  ڪڍي پنهنجي پيءُ کي ڏئي ڇڏي. پيءُ هي ڏسي ڪري حيران ٿي ويو، ايئن الله پاڪ بسم الله جي ديواني کي قتل ٿيڻ کان محفوظ فرمائي ورتو. ([1])

 سُبۡحان الله! ڏٺو توهان! ڪاري ٻلي يا ڪو ٻيو وهم ته ڇا سامهون آيو، ڇوڪريءَ جي پيءُ جي ڀرپور ڪوشش به ڪجھ نه بگاڙي سگهي بِسمِ الله جي برڪت سان ڇوڪري پنهنجي ڪم (يعني منڊي جي حفاظت) ۾ ڪامياب به ٿي ۽ قتل ٿيڻ کان به بچي وئي. الله پاڪ جي نالي ۾ واقعي برڪت آهي، اسان به بدشگنيون ڇڏي، بِسمِ الله پڙهڻ جي عادت بڻايون، جيڪڏهن يقين مضبوط هوندو ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!   برڪتون ملنديون.


 

 



[1]... فیضان سُنت،  صفحہ:85-86۔