Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem
کان محروم رهندو آهي، سڄي زندگي عبادت ۾ گذاري، پوءِ به عمل جي درستگي کان محروم رهندو آهي، نه ان کي حڪمت ملندي آهي ۽ نه ان تي قربِ الهي جا دروازا کُلندا آهن.
محفوظ سدا رکھنا شہا! بے ادبوں سے اور مجھ سے بھی سر زد نہ کبھی بے ادبی ہو )[1](
الله پاڪ اسان کي ادب جي دولت نصيب فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! ادب ڇا کي چوندا آهن؟ اچو! هي سکڻ جي لاءِ داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حاضري ڏيون، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: عام طور تي اديب (يعني ادب وارو) ان کي چوندا آهن: جيڪو لغت جو ماهر هجي (جيئن اسان وٽ عام طور شاعر کي اديب چيو ويندو آهي) پر اولياءِ ڪرام وٽ ادب جي معنٰي آهي: اَلْوَقُوفُ مَعَ الْمُستَحْسِنَاتِ يعني چڱائين تي مضبوطيءَ سان قائم رهڻ.([2]) بس جنهن ۾ نيڪ عادتون جمع ٿي وڃن، اهو اديب (يعني ادب وارو) آهي.
داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ادب جا ٽي قِسم آهن:
پهريون قسم: اَلْاَدَبُ مَعَ اللہ يعني الله پاڪ جو ادب. هي سڀ کان پهريون ۽ ضروري ادب آهي ڇوته اسان هن دنيا ۾ ڪجھ به هجون، سڀ کان پهريان