Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem
هن ايپليڪيشن ۾ مختلف موضوعن تي فتوائون آڊيو، وڊيو (Audio & Video) ۽ ٽيڪسٽ (Text)جي صورت ۾ موجود آهن. توهان به موبائل ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو! پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ پنهنجي دوست احباب کي به ترغيب ڏياريو!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:
مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ
جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جنهن جو ڀاءُ هجي ان کي گهرجي ته پنهنجي ڀاءُ سان ڀاڪر پائي ملي.([2])
اي عاشقانِ رسول! ڀاڪر پائڻ کي معانقو چوندا آهن ۽ معانقو سنّتِ مصطفٰي آهي. * مراةُ المناجيح ۾ آهي: خوشي ۾ ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملڻ سنّت آهي ([3]) پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪيترائي ڀيرا صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم تي شفقت فرمائيندي انهن کي ڳلي ملڻ جو شرف بخشيندا هئا.