Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

مثال طور * خيبر جي موقعي تي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت جعفر رَضِىَ اللهُ عَنْه کي سيني سان لڳايو  ۽ پيشانيءَ تي چمي به ڏنائون. ([1]) * هڪ ڀيري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه کي گهرايو، هُو حاضر ٿيا ته شفقت فرمائيندي انهن کي ڀاڪر پاتائون.([2])

   اي عاشقانِ رسول! معانقو يعني ڀاڪر پائي ملڻ سنّت آهي، البته امرد يعني نابالغ ڇوڪراٽ کي ڀاڪر پائڻ کان بچڻ  بهتر آهي  ڇوته ان ۾ گناھ ۾ پوڻ جو انديشو آهي. الله پاڪ اسان کي سنّتن جو پيروڪار بڻائي.

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

سادَگی چاہئے، عاجزِی چاہئے                                                                                                                         لینے یہ نعمتیں، قافِلے میں چلو

عاشِقانِ رسول، آئے سُنّت کے پھول                                                                        دینے  لینے  چلیں،  قافلے  میں  چلو)[3](

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي   اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                             صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1]...ابو داؤد، کتاب:الادب، باب: قبلۃ ما بین العینین،صفحہ:813، حدیث:5220۔

[2]...ابو داؤد، کتاب:الادب، باب: قبلۃ ما بین العینین،صفحہ:812، حدیث:5214خلاصۃً۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:671۔