Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem
اچو! ڪشفُ المحجوب شريف جي هن باب مان داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي تعليمات ۽ ڪجھ نصيحتون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا، الله پاڪ اسان کي اولياءِ ڪرام جي محبت ۽ انهن جي تعليمات تي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم
حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: تمام ديني ۽ دنياوي ڪمن جو حسن ادب ۾ آهي، هر شخص جي لاءِ ان جي مقام جي مطابق الڳ آداب آهن، مروت، سنّت ۽ عزّت جي حفاظت ادب جي ئي ذريعي ٿيندي آهي.([1]) الله پاڪ قرآنِ ڪريم فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا قُوۡۤا اَنۡفُسَکُمۡ وَ اَہۡلِیۡکُمۡ نَارًا وَّ قُوۡدُہَا النَّاسُ وَ الۡحِجَارَۃُ آيت (سيپارو: 28 سورة تحريم: آيت 6)
ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! پنهنجي جانين ۽ گهر وارن کي ان باھ کان بچايو جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهي.
صحابيءِ رسول، سُلطانُ المفسرين، حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه هن آيتِ ڪريمه جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: اَیْ فَقِّہُوْہُمْ وَاَدِّبُوْہُمْ يعني اي ايمان وارؤ! توهان تي لازم آهي ته پاڻ کي به ۽ پنهنجي اهلِ خانه کي به جهنّم جي باھ کان بچايو! ۽ هي ٿيندو ڪيئن؟ توهان ڪهڙي طرح پاڻ کي ۽ اهلِ خانه کي ان باھ کان بچائي سگهو ٿا؟ ان جو طريقو هي آهي ته پاڻ به دين جي سمجھ حاصل