Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

انهن جي دامن تي نه هوندو، ان جي باوجود شان هي هوندو جو دنيا جا وڏا وڏا عالِمَ، وڏا وڏا فاضل، وڏا واڏا فلاسفر سندن جي شاگردي جي لاءِ ترسندا.([1])  (4): اي موسٰي! اسان جي محبوب (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جا پاڪيزه نالا، ان جا اعلٰي گُڻ، ايستائين جو سندن حُليو مبارڪ تورات ۾ به موجود آهي، انجيل ۾ به هوندو، سندن نالا، اوصاف، احوال بني اسرائيل کي ياد هوندا (5): هو ماڻهن کي چڱي ڳالهين جو حڪم ڏيندا (6): بري ڳالهين کان منع ڪندا (7): هو سٺيون شيون جيڪي بني اسرائيل تي انهن جي سرڪشي جي وجھ سان حرام ڪيون ويون آهن، اسان جا محبوب انهن کي حلال ڪري ڇڏيندا (8):  اهي شيون جيڪي بني اسرائيل جي لاءِ عارضي طور تي حلال ڪيون ويون آهن،  جيئن شراب وغيره اسان جا محبوب (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) انهن کي هميشه جي لاءِ حرام ڪري ڇڏيندا (9): اي موسٰي! اسان جا محبوب نبي (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) بني اسرائيل تان وزن لاهي ڇڏيندا يعني اهي سخت شرعي احڪام جيڪي بني اسرائيل کي ڏنا ويا جيئن ناپاڪ ڪپڙي کي ڪٽي ڇڏڻ، جنهن عضوي کان گناھ ٿيو، ان کي ڪٽي ڪري جسم، کان جدا ڪري ڇڏڻ وغيره، اهڙن احڪامن ۾ پنهنجي امّت جي لاءِ نرمي فرمائي ڇڏيندا. مطلب ته اسان جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مشڪلات حل فرمائڻ وارا، دافِعِ بلِيَّات (آفتون دور ڪرڻ وارا) هوندا.

  اي موسٰي! بني اسرائيل يا دنيا جو ڪو به شخص جيڪڏهن اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان آڻيندو، سندن ذات، نالن جي، ڪم يا سندن سان نسبت رکڻ واري ڪنهن شيءِ جي تعظيم ڪندو، انهن جي دين جي جان، مال يا ڪنهن طرح سان خدمت ڪندو، پاڻ سان گڏ نازل ٿيڻ واري نور (مثال طور قرآنِ ڪريم يا حديث شريف) جي پيروي ڪندو، اهڙو شخص دنيا ۾، مرڻ وقت، قبر ۾ هميشه هر طرح ڪامياب ٿي ويندو.)[2])

   الله! الله! اي عاشقانِ رسول! هاڻي هتي غور فرمايو! مقام ڪهڙو آهي؟


 

 



[1] ... تفسیر  نعیمی،پارہ:9،سورۂ اعراف،تحت الآیۃ:157 ،جلد:9 ،صفحہ:277 ماخوذاً۔

[2] ... تفسیر  نعیمی،پارہ:9،سورۂ اعراف،تحت الآیۃ:157 ،جلد:9 ،صفحہ:277 ماخوذاً۔