Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ٿيندي ته هڪ قول جي مطابق قرآنِ ڪريم جون ڪُل 6 هزار 2 سؤ 36 آيتون آهن)[1]) انهن 6 هزار 2 سؤ 36 آيات ۾ 7 هزار ڀيرا باقاعده لفظن ۾ ذڪرِ مصطفٰي ڪيو ويو آهي.)[2])

  قرآنِ ڪريم ۾ ڳالھ ڳالھ تي ذڪرِ مصطفٰي ٿيو آهي، ان جو صرف هڪ مثال پيش ڪريان ٿو:

   سورة نَبَا 30 هين سيپاري جي پهرين سورت آهي، ان سورت جي شروع کان آخر تائين قيامت جو بيان آهي، قيامت ڪيئن ايندي؟ ان جا دليل بيان ٿيا، پوءِ جڏهن قيامت ايندي ته مجرمن کي سزا ڪهڙي ملندي؟ تقوٰي وارن کي انعامات ڇا ڇا ملندا؟ انهن سڀني جو تفصيل سان بيان آهي، ان سورتِ مبارڪ جي ٻي رڪوع ۾ الله پاڪ جنّت جون نعمتون بيان ڪرڻ کان بعد فرمايو:

جَزَآءً   مِّنۡ  رَّبِّکَ عَطَآءً  حِسَابًا (ۙ۳۶)  (سيپارو: 30، سورة نَبَا: آيت 36)

ترجموڪنزالعرفان: (هي) بدلو آهي تنهنجي رب جي طرف کان نهايت ڪافي عطا.

   هتي هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو، ته ڳالھ هلي هئي قيامت جي،  ذڪر هي آهي ته تقوٰي وارن کي جنّت ۾ انعام ڇا ڇا ملندا، ان تي الله پاڪ مِنْ رَّبِّکَ ڇو فرمايو؟ جنّتين جو انعام ٻڌائڻو هو، چيو وڃي ها: هي سڀ رحمٰن جي عطا آهي، هي ربُّ الۡعالمين جي طرف کان جزا آهي، ربِّ ڪائنات جون کوڙ صفتون آهن، انهن مان ڪو صفاتي نالو ذڪر ڪيو ويندو آهي، آخر ۾ مِنْ رَّبِّکَ ئي ڇو فرمايو؟ پوءِ ربّ ئي چوڻو هو ته ربُّ العالمين به چئي سگهبو ٿي، مِنْ رَّبِّکَ (يعني اي محبوب! اوهان جي ربّ جي طرف کان) ئي ڇو ارشاد فرمايو؟

   حضرت علّامه محمود آلوسي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جو جواب ڏنو آهي، فرمائن ٿا: : لِتَشْرِیْفِہٖ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ يعني ان مقام تي (جڏهن ته ذڪر قيامت جو هو، تقوٰي وارن


 

 



[1] ... بصائر  ذوی التمییز ،باب الاول،بصیر ۃ فی مجملات السورۃ،جلد:1 ،صفحہ:559۔

[2] ... بصائر  ذوی التمییز ،باب الثلاثون،بصیر ۃ فی ذکر نبینا ،جلد:6 ،صفحہ:17۔