Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

* ملائڪ قطارون ڪري حاضر ٿي رهيا هئا * مشرق ۽ مغرب ۽ ڪعبي جي ڇت تي جهنڊا کوڙيا ويا هئا ته بلڪل صبح صادق جي وقت حضرت بيبي آمنهرَضِىَ اللهُ عَنْها جي حويلي پاڪ ۾ هڪ نور چمڪيو * عالَمِ ڪفر ۾ هڪ هلچل مچي وئي * ڪسرٰي جي محل تي زلزلو آيو، 14 ڪُنگُرا ڪري پيا * ايران جو آتش ڪَدو(اها جاءِ جتي باھ جي پوڄا ٿيندي هئي) جيڪو 1 هزار سالن کان روشن هو، اهو وسامي ويو * درياءِ ساوَه خشڪ ٿي ويو * ڪعبي کي وجد آيو ۽ بتَ مٿي ڀَر اونڌا ڪري پيا.

تیری آمد تھی کہ بیتُ اللہ مُجرے کو جُھکا            تیری  ہَیبت تھی کہ ہر بُت تھر تھر ا کر گِر گیا ([1])

وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان جي ولادت ٿيندي ئي الله پاڪ جو گهر (يعني ڪعبو شريف) جنهن جي طرف ماڻهو جهڪندا هئا، اڄ اهو اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ نهايت ئي احترام سان سلام عرض ڪرڻ جي لاءِ جهڪي ويو ۽ ڪعبي شريف جي اندر رکيل 360 بتن تي اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهڙو رعب ۽ خوف طاري ٿيو جو اهي سڀ منهن ڀَر اونڌا ڪري پيا.

   اي عاشقانِ رسول! هن ماھِ مبارڪ ربيعُ الاول جي ايندي ئي انهن سهڻين گهڙين، نوراني گهڙين جي ياد اچڻ لڳندي آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دنيا ۾ تشريف کڻي آيا هئا.

   جڏهن قرآن جو طريقو به اهو ئي آهي، عشق جو مزاج به هيءُ ئي آهي ته ڳالھ ڳالھ تي ذڪرِ محبوب ڪيو وڃي پوءِ ٻڌايو! هن مهيني مبارڪ ۾ عاشقانِ رسول جهومي جهومي ڪري ذڪر محبوب جون محفلون ڇو نه سجائيندا؟ ڇو نه هن مهيني ۾ گهر گهر سجاوٽون ٿينديون؟ ها! ها! ذڪرِ محبوب ٿيندو، ضرور ٿيندو، جشنِ ولادت جي خوشيءَ ۾ اسان خوب قرآنِ پاڪ جي تلاوت به ڪنداسين، درودِ پاڪ جي ڪثرت پڻ ڪنداسين، گهر به سجائينداسين، چراغان به ڪنداسين ۽ ذوق ۽ شوق سان ميلاد جون محفلون به سجائينداسين، پنهنجو


 

 



[1] ...حدائقِ بخشش،صفحہ:52 ۔