Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد) جو ذڪر ڪندا * ۽ ان نعمت جو شڪر ادا ڪندا آهن * ميلاد جي ذريعي سان وعظ ۽ نصيحت ڪئي ويندي آهي * ميلاد جي برڪت سان دل ۾ عظمتِ رسول وڌندي آهي * ميلاد جي برڪت سان عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ عشقِ رسول جي برڪت سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي ڄڻ ميلاد ملهائڻ ايمان جي مضبوطيءَ جو ذريعو آهي * ذڪرِ مصطفٰي جي محفل تي رحمت جا ملائڪ نازل ٿيندا آهن * ۽ ميلاد جي برڪت سان دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون ملنديون آهن.([1])

 * امام جلالُ الدّين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن گهر، مسجد يا پاڙي ۾ ميلاد شريف پڙهيو وڃي * ملائڪ ان گهر، مسجد ۽ پاڙي کي گهيري وٺندا آهن * ۽ ملائڪن جا سردار يعني حضرت جبريل، حضرت ميڪائيل، حضرت اسرافيل ۽ حضرت عزرائيل عَلَيهمُ السَّلَام ميلاد شريف پڙهڻ وارن جي لاءِ رحمت ۽ رضوان جي دعا ڪندا آهن * جنهن گهر ۾ ميلاد شريف پڙهيو وڃي * الله پاڪ ان گهر کي ڏڪار * وبائي بيمارين * باھ لڳڻ * ٻڏڻ ۽ اهڙي کوڙ آفات کان محفوظ رکندو آهي * ان گهر ۾ رهڻ وارن کي بُغض ۽ حسد کان * بري نظر کان * ۽ چوري وغيره جي خطري کان بچائيندو آهي * ۽ ان گهر وارن مان ڪو ماڻهو وفات ڪري وڃي ته ان تي نَڪيرين (يعني قبر ۾ سوال پچڻ وارن ملائڪن) جي سوالن جا جواب آسان ڪيا ويندا آهن. ([2]) * حضرت خواجه جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: محفلِ ميلاد شريف ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ان محفل جي عزت ۽ تڪريم ڪرڻ سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي.(([3] * حضرت سري سقطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: جيڪو محفلِ ميلاد ۾ وڃڻ جو ارادو ڪري، اهو اصل ۾ جنّت جي باغن ۾ وڃڻ جو ارادو ڪندو آهي، ڇوته محفلِ ميلاد صرف ۽ صرف محبتِ رسول جي وجھ سان ئي سجائي ويندي آهي ۽ رسولِ اڪرم، نورِ


 

 



[1] ... میلادُ النبی منانا امتِ محمدیہ کا متفقہ عمل ،صفحہ:482 - 484۔

[2] ...نعمۃ الکبریٰ لابن حجر،صفحہ:7بتقدم و تاخر۔

[3] ...نعمۃ الکبریٰ لابن حجر،صفحہ:6 ۔