Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ملهائيندا آهن. اها يهودياڻي جڏهن رات سُتي ته سندس ستل قسمت جاڳي پئي خواب ۾ ڇا ٿي ڏسي ته هڪ تمام حسين ۽ خوبصورت بزرگ تشريف کڻي آيو آهي، چوڌاري ماڻهن جو ميڙ آهي، ان اڳتي وڌي ڪري هڪ شخص کان پڇيو: هي بزرگ ڪير آهن؟ ان ٻڌايو: هي نبي آخرُ الزّمان، رحمتِ عالميان، محمدِ عربي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، پاڻ ان لاءِ تشريف کڻي آيا آهن ته جيئن توهان جي مسلمان پاڙيسريءَ کي جشنِ ولادت ملهائڻ تي خير ۽ برڪت عطا فرمائن ۽ ان سان ملاقات فرمائن ۽ ان تي خوشيءَ جو اظهار ڪن. يهودياڻيءَ وري پڇيو: ڇا توهان جا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي ڳالھ جو جواب ڏيندا؟ ان جواب ڏنو: ”جي ها“ ان تي يهودياڻيءَ سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پڪاريو، پاڻ کيس جواب ۾ ”لبيڪ“ فرمايائون، هوءَ تمام گهڻو متاثر ٿي ۽ چوڻ لڳي مان ته مسلمان ناهيان، توهان پوءِ به مونکي لبيڪ چئي جواب ڏنو پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: الله جي طرفان مونکي ٻڌايو ويو آهي ته تون مسلمان ٿيڻ واري آهين، ان تي هوءَ بي اختيار چوڻ لڳي: بيشڪ توهان نبي ڪريم ۽ خلق عظيم جا مالڪ آهيو جيڪو توهان جي نافرماني ڪري اهو هلاڪ ٿيو ۽ جيڪو توهان جي مانَ ۽ مرتبي کي نه ڄاڻي اهو ناڪام ۽ نامراد ٿيو پوءِ هن ڪلمو شهادت پڙهيو ۽ مسلمان ٿي وئي.

هاڻي هن جي اک کلي وئي ۽ هوءَ سچي دل سان مسلمان ٿي وئي ۽ هن هي طئي ڪيو ته صبح جو اٿي سڄي ملڪيت الله جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جشنِ ولادت جي خوشيءَ ۾ لٽائي ڇڏينديس ۽ خوب خيرات ڪنديس، جڏهن صبح جو اٿي ته سندس مڙس کاڌي جي دعوت جي تياري ۾ مشغول هو، ان حيرت منجهان پڇيو توهان هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ ان چيو ان ڳالھ جي خوشيءَ ۾ دعوت جو اهتمام ٿو ڪيان جو تون مسلمان ٿي چڪي آهين. پڇا ڪيائين توهان کي ڪيئن خبر پئي؟ ان ٻڌايو ته مان به رات پاڻ سڳورن