Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

دروازا (Gate) لڳائڻ جائز نه آهن جنهن ۾ جاندارن جون تصويرون ٺهيل هجن. جاندارن جي تصويرن جي مذمت ۾ 2 حديثون مبارڪ پڙهندا ۽ الله پاڪ جي خوف کان ڏڪندا: * (رحمت جا) ملائڪ ان گهر ۾ داخل ناهن ٿيندا جنهن گهر ۾ ڪتو يا تصوير هجي.([1])جيڪو به (جاندار جي) تصوير بڻائيندو الله پاڪ ان کي تيستائين عذاب ڏيندو رهندو جيستائين ان تصوير ۾ روح نه ڦوڪي ۽ اهو ان ۾ ڪڏهن به روح نه ڦوڪي سگهندو.([2])(4): جشنِ ولادت جي خوشي ۾ ڪجھ جڳهن تي ڳائڻ هلايو ويندو آهي ايئن ڪرڻ گناھ آهي. هن سلسلي ۾ 2 روايتون پيشِ خدمت آهن: * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون کي دهل ۽ بانسري ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.([3]  )حضرت ضحاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان روايت آهي: ڳائڻ دل کي خراب ۽ الله پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارو آهي.([4](5): نعت شريف بيشڪ هلايو پر آهسته آواز ۾ ۽ هن احتياط سان جو ڪنهن عبادت ڪرڻ واري، سُتل يا مريض وغيره کي تڪليف نه ٿئي ۽ اذان ۽ نمازن جي وقتن جي به رعايت ڪيو. (عورت جي آواز ۾ نعت نه هلايو) (6):گهٽي يا رستي وغيره جي زمين تي هن طرح سجاوٽ ڪرڻ، جهنڊا هڻڻ جنهن سان رستي تي هلڻ ۽ گاڏي هلائڻ وارن مسلمانن کي تڪليف ٿئي ناجائز آهي (7): چراغان ڏسڻ جي لاءِ عورتن جو اجنبي مردن ۾ بي پرده نڪرڻ حرام ۽ شرمناڪ آهي ۽ باپرده عورتن جو به هلندڙ انداز ۾ مردن ۾ اختلاط (يعني ميل جول هئڻ) نهايت ئي افسوسناڪ آهي. بجليءَ جي چوري به ناجائز آهي. لهٰذا هن سلسلي ۾ بجلي فراهم ڪرڻ واري اداري سان رابطو ڪري جائز طريقي سان چراغان جي ترڪيب بڻايو (8): ميلاد جي جلوس ۾ ڪوشش ڪري باوضو رهو، نمازِ باجماعت جي پابنديءَ جو خيال رکو. عاشقانِ رسول نماز جي جماعت ترڪ ڪرڻ


 

 



[1] ... بخاری،کتاب بدء الخلق ،باب اذا وقع الذباب ،صفحہ:845 ، حدیث:3322۔

[2] ... بخاری ،کتاب البیوع،باب بیع التصاویر ،صفحہ:572 ، حدیث:2225۔

[3] ...مسند فِرْدَوس، جلد:1، صفحہ:398، حدیث:1608۔

[4] ... تفسیراتِ احمدیہ،پارہ: 21 ،سورۂ لقمان ،تحت الآیۃ: 6 ،صفحہ:587۔