Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

   يعني اي موسٰي! هڪ اسان جي عام رحمت آهي، جنهن جو ظهور دنيا ۾ ٿي رهيو آهي، هي رحمت هر هڪ کي ئي ملندي آهي، مثال طور رِزق، صحت، زندگي، سج چنڊ جي روشني وغيره هي سڀ اهي رحمتون آهن جيڪي ڪافر کي به ملنديون آهن، مسلمان کي به ملنديون آهن، گنھگار کي به ڏنيون وينديون آهن، فرمانبردار کي به ڏنيون وينديون آهن.([1])

 (2): فرمايو:

فَسَاَكْتُبُهَا لِلَّذِیْنَ یَتَّقُوْنَ وَ یُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَ الَّذِیْنَ هُمْ بِاٰیٰتِنَا یُؤْمِنُوْنَۚ(۱۵۶) (سيپارو: 9، سورة اعراف: آيت 156)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ عنقريب مان پنهنجي رحمت انهن جي لاءِ لکي ڇڏيندُس جيڪي پرهيزگار آهن ۽ زڪوٰة ڏيندا آهن ۽ اهي اسان جي آيتن تي ايمان آڻيندا آهن.

   ايمان جي دولت، دنيا ۾ نيڪيءَ جي توفيق، قبر ۾ ڪاميابي، آخرت ۾ نجات، جنّت ۾ داخلا وغيره، هي سڀ رحمت صرف ان کي ملندي آهي جيڪي تقوٰي وارا، پرهيزگار هجن، خاص طور زڪوٰة ڏيندا هجن، گڏوگڏ اسان جي تمام آيات تي ايمان رکندا هجن، تنهنڪري اي موسٰي! اوهان جي دعا ڪجھ ترميم سان قبول ڪئي وڃي ٿي، اوهان پنهنجي امّت جي لاءِ رحمت گهري، عام رحمت ته سڀني کي پهريان ئي حاصل آهي، رهي خاص رحمت ته اها اوهان جي امّت مان تقوٰي وارن، زڪوٰة ڏيڻ وارن ۽ اسان جي آيات تي ايمان رکڻ وارن کي عطا ڪئي ويندي.([2])


 

 



[1] ... تفسیر  نعیمی،پارہ:9،سورۂ اعراف،تحت الآیۃ:156 ،جلد:9 ،صفحہ:266و 267 ملتقطاً  و ماخوذاً۔

[2] ... تفسیر  نعیمی،پارہ:9،سورۂ اعراف،تحت الآیۃ:156 ،جلد:9 ،صفحہ:267 ملتقطاً  و ماخوذاً۔