Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

(3): ان کان بعد الله پاڪ پنهنجي هڪ ٻي رحمت جو ذڪر فرمايو، ارشاد فرمايو:

اَلَّذِیۡنَ یَتَّبِعُوۡنَ الرَّسُوۡلَ النَّبِیَّ الۡاُمِّیَّ  (سيپارو: 9، سورة اعراف: آيت157)

ترجموڪنزالعرفان: اهي جيڪي ان رسول جي پيروي ڪن جيڪي غيب جون خبرون ڏيڻ وارا آهن.

   يعني اي موسٰي! اسان جي هڪ خاصُ الخاص رحمت به آهي (جيئن اَفضل امّت هجڻ، قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان جنّت ۾ داخل ٿيڻ وغيره)، هيءَ خاصُ الخاص رحمت صرف ۽ صرف اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامن جي لاءِ آهي([1]) تنهنڪري اوهان جي قوم مان جيڪي بني اسرائيل آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو زمانو لهندا، انهن جي پيروي اختيار ڪندا، اسان جي خاصُ الخاص رحمت صرف انهن کي ملي سگهندي.([2])

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! اي عاشقانِ رسول! اندازو لڳايو! الله پاڪ کي پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڪيڏي محبت آهي...! ڪوھِ طور آهي، الله پاڪ جا نبي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي امّت جي لاءِ رحمت گهري رهيا آهن پر الله پاڪ فرمائي ٿو: اي موسٰي! اوهان جي امّت ۾ جيڪي تقوٰي وارا اهلِ ايمان آهن اسان جي خاص رحمت انهن کي ئي ملندي، البته اسان جي خاصُ الخاص رحمت صرف ۽ صرف امّتِ مصطفٰي جي لاءِ آهي.


 

 



[1] ... تفسیر  نعیمی،پارہ:9،سورۂ اعراف،تحت الآیۃ:156 ،جلد:9 ،صفحہ:266 ماخوذاً۔

[2] ... تفسیر  نعیمی،پارہ:9،سورۂ اعراف،تحت الآیۃ:157 ،جلد:9 ،صفحہ:277 ماخوذاً۔