Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

   الله اڪبر! حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام گهري رهيا آهن، انهن جي امّت جي پرهيزگارن کي خاص رحمت ڏني ويندي آهي ۽ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڃا دنيا ۾ تشريف کڻي به نه آيا هئا، سندن امّت کي به ڪيئي سال بعد پيدا ٿيڻو هو، ربِّ ڪائنات ان کان پهريان ئي اعلان فرمائي ٿو: اي موسٰي! اسان پنهنجي محبوب جي غلامن کي صرف خاص رحمت ئي نه بلڪه خاصُ الخاص رحمت به عطا فرمائينداسين.

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه!  اعلٰي حضرت جو ڀاءُ، مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڇا ته خوب چيو آهي:

کسی کو کسی سے ہوئی ہے نہ ہو گی                  خُدا کو ہے جتنی محبت کسی کی([1])

وضاحت: جهڙيءَ طرح الله پاڪ جي ذات ۽ صفات بي مثل آهن اهڙيءَ طرح الله پاڪ جي پنهنجي محبوب سان محبت به بي مثل آهي جو ڪائنات ۾ ڪنهن به ڪنهن سان اهڙي محبت نه ڪئي هوندي جهڙي محبت الله پاڪ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سان فرمائي.

پيارا اسلامي ڀائرو! اڃا هي ڳالھ هتي پوري ناهي ٿي، اڃان بيان جاري آهي، الله پاڪ فرمايو: اي موسٰي! اسان جي آخري نبي جي غلامن کي خاصُ الخاص رحمت ملندي، هاڻي اهي آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪير آهن؟ ان جي بيان ۾ الله پاڪ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام کي پنهنجي محبوب نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون 9 صفتون ٻڌايون، ارشاد ٿيو:


 

 



[1] ... ذوقِ نعت ،صفحہ:234۔