Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

اَلَّذِیْنَ یَتَّبِعُوْنَ الرَّسُوْلَ النَّبِیَّ الْاُمِّیَّ الَّذِیْ یَجِدُوْنَهٗ مَكْتُوْبًا عِنْدَهُمْ فِی التَّوْرٰىةِ وَ الْاِنْجِیْلِ٘-یَاْمُرُهُمْ بِالْمَعْرُوْفِ وَ یَنْهٰىهُمْ عَنِ الْمُنْكَرِ وَ یُحِلُّ لَهُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیْهِمُ الْخَبٰٓىٕثَ وَ یَضَعُ عَنْهُمْ اِصْرَهُمْ وَ الْاَغْلٰلَ الَّتِیْ كَانَتْ عَلَیْهِمْؕ-فَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِهٖ وَ عَزَّرُوْهُ وَ نَصَرُوْهُ وَ اتَّبَعُوا النُّوْرَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ مَعَهٗۤۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۠(۱۵۷)

(سيپارو: 9، سورة اعراف: آيت157)

ترجمو ڪنزالعرفان: اهي جيڪي ان رسول جي پيروي ڪن جيڪي غيب جون خبرون ڏيڻ وارا آهن، جيڪي ڪنهن کان پڙهيل ناهن، جنهن کي هي (ڪتاب وارا) پاڻ وٽ توريت ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا،  اهي انهن کي ڀلائيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ انهن کي برائيءَ کان منع ڪن ٿا ۽ انهن جي لاءِ پاڪ شيون حلال فرمائن ٿا ۽ خراب شيون انهن تي حرام ڪن ٿا ۽ انهن جي مٿن کان اهو بار ۽ ڳچيءَ جا ڳٽ لاهن ٿا جيڪي انهن جي مٿان هئا پوءِ اهي ماڻهو جيڪي ان نبيءَ تي ايمان آڻين ۽ ان جي تعظيم ڪن ۽ ان جي مدد ڪن ۽ ان نور جي پيروي ڪن جيڪو ان سان گڏ نازل ڪيو ويو ته اهي ئي ماڻهو ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن.

  يعني اُهو آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪير آهي؟ اي موسٰي! (1): هُو اَلرَّسُول (يعني خاصُ الخاص) رسول آهي، تمام رسولن کي رسالت انهيء جي صدقي عطا ڪئي وئي آهي (2): اي موسٰي! اسان جا پيارا محبوب اَلنَّبي يعني غيب جون خبرون ٻڌائڻ وارا (خاصُ الخاص) نبي به آهن، سندن کان علاوه جيترا نبيءَ آهن، سڀني کي نبوت جو تاج انهن جي صدقي عطا ڪيو ويو آهي (3): اي موسٰي! اهي اُمِّي به آهن، اُمُّ القرٰي (مڪي شريف ۾ تشريف کڻي ايندا)، دنيا ۾ ڪنهن جي شاگردي، ڪنهن جي مريدي ۽ ڪنهن کان فيض وٺڻ جو داغ