Muye Mubarak Kay Waqiyat

Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

تبرڪ جي ترغيب

(2): پيارا اسلامي ڀائرو! سرور عالم، نورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وار مبارڪ ورهايا، ان مان ٻيو مدني گل هي سکڻ جي لاءِ مليو ته اسان جا آقا ۽ مولا، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ هن ڳالھ کي پسند فرمائيندا هئا ته امّت پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون مبارڪ يادگيريون سنڀالي رکي، انهن کان برڪت حاصل ڪري، ان ڪري صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ۾ بطورِ برڪت ۽ يادگار پنهنجا وار مبارڪ ورهايا.

   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم انهن تبرڪاتِ مصطفيٰ جو خوب قدر فرمايو، انهن کي سنڀالي ادب ۽ حفاظت (Safe & Secure) سان رکيو. انهن مان برڪت حاصل ڪندا رهيا، پوءِ انهن کان اهي وار مبارڪ بعد وارن ڏي منتقل (Transfer) ٿيا ۽ پوءِ اهي ئي وار مبارڪ هڪ نسل کان ٻئي نسل جي طرف منتقل ٿيندا رهيا ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄ به ڪيترن ئي عاشقانِ رسول وٽ محفوظ آهن.

سُوکھے دھانوں پہ ہمارے بھی کرم ہو جائے

چھائے  رحمت  کی  گھٹا  بن  کے  تمہارے  گیسو([1])

موءِ مبارڪ (وارَ مبارڪ) هٿن تي کڻي ورتا

   حضور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيري صفٰي ۽ مروه جي سعي فرمائي رهيا هئا ته ڏاڙهي مبارڪ مان هڪ وار جدا ٿي ڪري هيٺ تشريف کڻي آيو، حضرت ابو ايوب انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه جلدئي مان اڳتي وڌيا ۽ زمين تائين پهچڻ کان پهريان ئي وار مبارڪ پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتو.


 

 



[1] ... حدائق بخشش،صفحہ:120۔