Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat
پنهنجي ٽوپيءَ جي اڳين حصي ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا، مان جڏهن به دشمنن جي مقابلي تي ويندو آهيان ته وارن مبارڪ جي برڪت سان دشمن هميشه شِڪَست کائيندا آهن.([1])
فقط اس واسطے خالد نے ہر اِک معرکہ جیتا اُنہوں نے ٹوپی میں رکھے میرے سرکار کے گیسو
امامُ الاوليا، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت ابوالعباس مهدي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مَرُو نالي علائقي جي کاڌي پيتي، خوش حال (Healthy & Wealthy) گهراڻي جا چشم و چراغ هئا، والد صاحب جي انتقال کان بعد پاڻ کي وراثت ۾ ڪافي دولت ملي، هڪ ڀيري سندن کي خبر پئي ته فلاڻي شخص وٽ حضور ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا 2 وار مبارڪ آهن. سندن دل ۾ وارن مبارڪ جو شوق اڀريو جيئن ته اهي وار مبارڪ ڪهڙيء طرح پاڻ حاصل ڪري ورتا، بس انهن وارن مبارڪ جي برڪت سان الله پاڪ سندن کي توبھ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندن کي ولايت جو بلند درجو به عنايت فرمائي ڇڏيو.
حضرت خواجه مهدي سيّاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وصال جي وقت هي وصيت ڪئي هئي ته هي ٻئي وار مبارڪ منهنجي وات ۾ رکيا وڃن، بهرحال سندن جي وصيت تي عمل ڪيو ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار مبارڪ مَرُو نالي علائقي ۾ آهي. ماڻهو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿيندا، پنهنجون حاجتون طلب ڪندا آهن ۽ الله پاڪ پنهنجي ڪامل وليءَ جي صدقي ۾ ماڻهن تي رحمت جي نظر فرمائيندو آهي.([2])