Muye Mubarak Kay Waqiyat

Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

سالن تائين بنا ڳرڻ ۽ سڙڻ جي پنهنجي اصلي حالت تي باقي رهي سگهي ٿو؟ مون چيو: پٽ! تون بلڪل صحيح ٿو چئين. منهنجا ۽ تنهنجا وار ساڍا 13 سؤ سال ته ڇا سال 2 سال به هڪ حالت تي سلامت ۽ باقي نه ٿا رهي سگهن پر پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ارشاد آهي: اِنَّ اللہ حَرَّمَ عَلَی الْاَرْضِ اَنْ تَاْکُلَ اَجْسَادَ الْانبیاءِ فَنَبِیُّ اللہ حَیٌّ یُّرْزَقُ يعني الله پاڪ زمين تي حرام فرمائي ڇڏيو آهي ته اها نبين جي بدن کي کائي، الله جا سڀ نبي زندھ آهن ۽ انهن کي روزي ڏني ويندي آهي.([1])

   هن حديث مان ثابت ٿئي ٿو ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ زندھ آهن لهٰذا انهن جي مقدس جسم جو ڳرڻ سڙڻ ناممڪن آهي ۽ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وار مبارڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم جو ئي حصو  آهن ته الله پاڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهن مقدس وارن کي به هي فضيلت عطا فرمائي آهي جو هُو حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم مبارڪ جيان ڪڏهن به بوسيده نه ٿا ٿي سگهن. هي ٻڌي ڪري اهو نوجوان وري روئڻ لڳو ۽ چيائين: خدا جو قسم! منهنجا تمام شبهات دور ٿي ويا ۽ مونکي يقين ٿي ويو ته هي وار مبارڪ بلڪل اصلي آهن مون خدا جو شڪر ادا ڪيو، ماڻهو به نهايت خوش ٿيا ۽ اهو نوجوان به پڪو عاشقِ رسول بڻجي ويو.([2])

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان سکڻ جو هڪ نهايت ئي پيارو پوائنٽ (Point) هي به آهي ته نوجوان جي دل ۾ وار مبارڪ جي حوالي سان ڪجھ تشويش هئي، جو باربار ثبوت ئي گهري رهيو هو، ان جي تسلي ۽ ان سوال جي جواب جي لاءِ ماڻهو ان وقت جي سچي عاشقِ رسول، حضرت علّامه مولانا عبد المصطفٰي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ وٺي ويا، ڄڻ ته انهن ماڻهن کي خبر هئي ته هن نوجوان جي هن مرض جو علاج ڪٿان کان ٿيڻو آهي؟ پوءِ


 

 



[1] ... ابن ماجہ،کتاب الجنائز ،باب ذکر وفاتہ و دفنہ  ،صفحہ:263 ،حدیث:1637۔

[2] ... منتخب حدیثیں، صفحہ:195 -198 ملخصاً۔