Muye Mubarak Kay Waqiyat

Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

ڏسو! حضرت به علمِ دين جي نور سان ڀريل ڪيڏي پياري حڪمت ڀري انداز ۾ ان نوجوان کي سمجهايائون جنهن جي برڪت سان اهو سمجهي به ويو بلڪه پنهنجي ناداني تي شرمنده به ٿيو ۽ توبھ به ڪئي. جيڪڏهن اسان سان به ڪڏهن ڪو اهڙو معاملو ٿي وڃي ته اسان پاڻ پريشان ٿيون نه ئي ڪنهن اهڙي ڏي موڪليون جيڪو پهريان ئي بدعقيده هجي، گستاخِ رسول هجي، بلڪه اهڙي موقعي تي پريشانيون دور ڪرڻ واري ڪنهن صحيحُ العقيده عاشقِ رسول مفتي صاحب يا عالِم دين جي خدمت ۾ حاضر ٿي وڃون.

   الله پاڪ اسان کي باادب بڻائي، باادب رکي، ڪاش! اسان اجايو عقل جا گهوڙا ڊوڙائڻ جي بدران بس عشق جا ٻانها بڻجي وڃون.

ہم عشق کے بندے ہیں کیوں بات بڑھائی ہے

موءِ مبارڪ (وار مبارڪ) جي جدائي ۾ جان ڏئي ڇڏيائون

   پيارا اسلامي ڀائرو! اچو آخر ۾ وار مبارڪ جي هڪ عظيم عاشق جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌون ٿا: هند ۾ الله پاڪ جو هڪ نيڪ ٻانهو گذريو آهي: سيد عبد الله حسني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ رسول الله جي ڏوهٽي حضرت امام حسن مجتبٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اولاد مان هئا. پاڻ ڪنهن سبب هجرت ڪئي ۽ عرب شريف کان هند تشريف کڻي آيا. جڏهن پاڻ هند آيا، سندن سان گڏ ٻي ضروري سامان سان گڏوگڏ 3 مقدس تبرڪات به هئا (1): پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وار مبارڪ (2): اميرُ المؤمنين مولا علي مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنْه جو عمامو شريف (3): مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي گهوڙي جو زِين مبارڪ.

   سيد عبد الله حسني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 23 سال هندستان جي علائقي بيجاپور ۾ قيام فرما رهيا ۽ اتي ئي وصال فرمايائون. پاڻ کان بعد هي ٽئي تبرڪات سندن پٽ سيد حميد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي مليا.