Muye Mubarak Kay Waqiyat

Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وار مبارڪ کڻي دهلي کان لاهور جي رستي کان ڪشمير جي لاءِ روانا ٿي ويا. هي ڇنڇر جو ڏينهن 1111 هجري هئي شبِ قدر هئي، جڏهن لاهور پهتا ته خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو وڏو شاندار استقبال ڪيو ويو، لاهور جي ماڻهن وڏي محبت ڀري انداز ۾ نهايت ئي ادب ۽ احترام سان وار مبارڪ جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. اتفاقاً انهن ڏينهن لاهور ۾ مغل بادشاھ سلطان اورنگزيب عالمگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به موجود هئا، جڏهن انهن کي حالات جي خبر پئي ته انهن خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي درٻار ۾ گهرايو ۽ پنهنجي پير ۽ مرشد حضرت ابو صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ ڪجھ ٻين علما ۽ مشائخ جي ڪشف جي ذريعي وار مبارڪ جي تصديق ڪرائي، پوءِ عوام جي اطمينان جي لاءِ وار مبارڪ کي باھ تي رکيو پر ڪو اثر نه ٿيو، اُس ۾ رکي ڪري ڏٺو ته انهن مبارڪ وارن جو پاڇو نه ٿيو، پوءِ وار مبارڪ کي ماکيءَ واري ڪاغذ تي رکيو ته ڪا مک ان جي ويجهو نه آئي.

 انهن سڀني طريقن سان تصديق ڪري وٺڻ کان بعد سلطان اورنگزيب عالمگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي فرمايو: تون واپاري آهين، واپار جي ارادي سان جڳھ جڳھ سفر ڪندو رهندي، هي وار مبارڪ اسان کي ڏئي ڇڏ، اسان هنن کي اجمير شريف ۾ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي درگاھ شريف ۾ ادب ۽ احترام سان رکنداسين. خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي درگاھ شريف وار مبارڪ جي لاءِ بهتر ۽ مناسب جڳھ آهي.

    خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وار مبارڪ جي محبت ۾ گرفتار هئا، پهريان ته پاڻ سلطان اورنگزيب عالمگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي پيشڪش تي راضي نه ٿيا پر سلطان اصرار ئي ايترو ڪيو جو خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وار مبارڪ سلطان جي حوالي ڪري ڇڏيا پر انهن جي دل بي چين هئي، غمگين دل مان درد ڀريون دانهون نڪري رهيون هيون، وار مبارڪ جي جدائي هڪ گهڙي به سڪون سان