Muye Mubarak Kay Waqiyat

Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

رهڻ نه پئي ڏنو، آخرڪار هيءُ عاشقِ رسول وار مبارڪ جي جدائي جو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ انهيءَ غم ۾ دنيا کان رخصت ٿي ويو.

   آخري وقت خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي وصيت ڪئي ته انتقال کان بعد مون کي اتي دفن ڪيو وڃي، جتي وار مبارڪ تشريف فرما هجن، هي چوندي ئي سندس روح پرواز ڪري ويو. هوڏانهن خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو وصال ٿيو ئي هو ته سلطان اورنگزيب عالمگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو پيغام اچي ويو، اتي موجود مَيۡدَنَش نالي هڪ شخص کي سلطان فوراً درٻار ۾ طلب ڪيو. جڏهن هي مَيۡدَنَشۡ درٻار ۾ پهتو ته سلطان اورنگزيب عالمگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: مونکي خواب ۾ الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، خلفاءِ راشدين رَضِىَ اللهُ عَنْهم به حضور سان گڏ هئا ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪٿي تشريف کڻي وڃي رهيا هئا. مون عرض ڪيو: حُضور! ڪيڏانهن جو ارادو فرمايو آهي؟ ارشاد فرمايو: دهلي کان اچي رهيو آهيان ۽ ڪشمير وڃڻ جو ارادو آهي، تو اسان جي عاشق کي غمگين ۽ مايوس ڪري ڇڏيو آهي، ان جي تمنا پوري ڪري ڇڏيو!

   سلطان اورنگزيب عالمگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو خواب ٻڌي ڪري مَيۡدَنَشۡ ٻڌايو ته خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ته وفات ڪري ويا آهن ۽ پاڻ وصيت ڪئي اٿن ته جتي وار مبارڪ هجن، مون کي اتي دفن ڪيو وڃي، هي ٻڌي ڪري سلطان کي تمام گهڻو صدمو رسيو پر هاڻي ڪري به ڇا ٿي سگهيا. بهرحال! هاڻي وار مبارڪ کي صندل(خوشبودار وڻ) جي هڪ پيتيءَ ۾ رکرايو ۽ ڏوليءَ کي خوب سجائي وار مبارڪ جي پيتي ۽ خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي جسمِ خاڪي کي ڪشمير جي لاءِ روانو ڪري ڇڏيو. هي مبارڪ قافلو لاهور کان روانو ٿيو ۽ 1111 هجري جمعي جي ڏينهن شوپيان نالي علائقي ۾ پهتو.

   وار مبارڪ جي استقبال جي لاءِ هزارين ماڻهن جو ميڙ رستي تي گڏ هو.