Muye Mubarak Kay Waqiyat

Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

شيخُ الوقت حضرت داؤد چشتي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان گڏ ٻيا به عالم سڳورا ۽ مشائخ درود ۽ سلام پڙهندي نهايت ئي ادب ۽ احترام سان پيرين اگهاڙي هلي رهيا هئا. علما ۽ مشائخ جي مشوري سان باغِ صادق خان ۾ شاھ جهان بادشاھ جي ٺهرايل هڪ خوبصورت عمارت ۾ وار مبارڪ کي رکيو ويو ۽ خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عزيزن انهيءَ عمارت سان گڏ زمين خريد ڪري سندن اتي دفن ڪري ڇڏيو.

   ڪجھ ڏينهن کان بعد سلطان اورنگزيب عالمگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪشمير جي گورنر کي پيغام موڪليو ته حضرت بَل (يعني اها عمارت جنهن ۾ وار مبارڪ تشريف فرما آهن ان) کي مسجد بڻايو وڃي، اتي پنج وقت نماز ۽ جمعي جو انتطام ڪيو وڃي ۽ اتي صبح ۽ شام درودِ پاڪ جي به ڪثرت ڪئي وڃي ۽ ان مسجد جو متولي خواجه نورُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي وارثن مان ڪنهن کي بڻايو وڃي.([1])

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! عشقِ رسول جي دولت به ڪهڙي نرالي آهي...!!

دو عالَم سے کرتی ہے بیگانہ دِل کو                        عجب چیز ہے لذّتِ آشنائی

  الله پاڪ انهن عاشقانِ رسول جي صدقي اسان کي به عشقِ رسول جي دولت نصيب فرمائي.

دل عشقِ مُحَمَّد میں تڑپتا رہے ہر دم                          سینے کو مدینہ مِرے اللہ بنا دے

بہتی رہے اکثر شہِ ابرار کے غم میں                             روتی ہوئی وہ آنکھ مجھے میرے خدا دے ([2])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] ...برکاتِ موئے مبارک، صفحہ:43-47خلاصۃً۔

[2] ...وسائل بخشش، صفحہ:112۔