Muye Mubarak Kay Waqiyat

Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو

   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄوڪي هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دلين ۾ عشقِ رسول جاڳائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ امّت کي نيڪ نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهي، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار رسالو مطالعو به آهي. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

غير مسلم مسلمان ٿي ويو...!!

   هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي: مان ڪفر جي اونداهين ۾ ڀَٽڪي رهيو هيس، هڪ ڏينهن ڪنهن اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو احترامِ مسلم تحفي ۾ ڏنو مون پڙهيو ته حيران رهجي ويس ته جن مسلمانن کي مون هميشه نفرت جي نگاھ سان ڏٺو آهي انهن جو مذهب اسلام ايتري قدر امن جو پيغام ڏي ٿو! رسالي جي تحرير تاثير جو تير بڻجي ڪري منهنجي دل ۾ لهي وئي ۽ دل ۾ اسلام جي محبت گهر ڪري وئي. هڪ ڏينهن مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هيس ته ڪجھ ڏاڙهي ۽ عمامي وارن اسلامي ڀائرن جو قافلو به بس ۾ سوار ٿيو، مان ڏسندي ئي سمجهي ويس ته هي مسلمان آهن، منهنجي دل ۾اسلام جي محبت ته پيدا ٿي ئي چڪي هئي لهٰذا مان احترام جي نظر سان انهن کي ڏسڻ لڳس، ايتري ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۾نعت شريف پڙهڻ شروع ڪئي، مونکي ان جو انداز تمام سٺو لڳو، منهنجي دلچسپي ڏسي ڪري انهن مان هڪ اسلامي ڀاء مون سان گفتگو