Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat
منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سنّتون ۽ آداب
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جنهن جا وار هجن اهو انهن جي عزت ڪري.([2]) يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڪنگو ڪري.
پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا زلف ڪڏهن نِصف (يعني اڌ) ڪن مبارڪ تائين * ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو تائين ۽ * ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ ڪلهن کي جهومي جهومي ڪري چمڻ لڳندا هئا * اسان کي گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽئي سنّتون ادا ڪيون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين ته ڪڏهن پوري ڪن تائين ته ڪڏهن ڪلهن تائين زلف رکون
* ڪجھ ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن هي سنّت جي خلاف آهي * سنّت هي آهي ته جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچان سينڌ ڪڍي وڃي * مرد کي اختيار آهي مٿي جا وار ڪٽرائي يا وڌائي ۽ سينڌ ڪڍي * حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اڪثر سَرِ اقدس ۾ تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڪثر ڪنگو ڪندا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو (يعني سربند شريف) رکندا هئا ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان آلو ٿي ويندو هو.([3])
تیل کی بُوندیں ٹپکتی نہیں بالوں سے رضا صبحِ عارِض پہ لُٹاتے ہیں ستارے گیسو
وضاحت: اي رضا! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زلف