Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

رهنديون هجن، نه! نه...! ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون برڪتون اڳتي منتقل ٿينديون رهنديون آهن.

   هڪ ته اهي خوش نصيب صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهما هن، جن بنا واسطي جي پنهنجي اکين سان ديدارِ مصطفٰي جو شرف حاصل ڪيو، طيبه جي چنڊ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نوراني چهري جا ڪرڻا انهن تي پيا آهن، انهن کي ته برڪت ملي ئي ملي، هي جنّتي به ٿيا، هدايت جو معيار به بڻيا، قيامت تائين جي وَليَن بلڪه تمام مسلمانن جا سردار به بڻيا، ان سان گڏوگڏ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هيءَ به برڪت آهي ته جيڪو انهن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي ڏسي وٺي، ديدارِ مصطفٰي جون برڪتون ان کي به نصيب ٿينديون آهن.

 صحابيءِ رسول حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَا تَمَسُّ النَّارُ مُسْلِمًا رَاٰنِیْ اَوْ رَاٰی مَنْ رَاٰنِیْ جنهن مسلمان مونکي ڏٺو يا مونکي ڏسڻ واري (يعني صحابي) کي ڏٺو، ان کي جهنّم جي باھ نه ساڙيندي.[1]

   هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مرآةُ المناجيح ۾ لکن ٿا: يعني جنهن ايمان جي حالت ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏٺو ۽ ايمان تي ئي ان جو خاتمو ٿيو، اهو دوزخ کان محفوظ رهندو، ايئن ئي جن ماڻهن کي اخلاص سان صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي صحبت نصيب ٿي، انهن جي خدمت جو موقعو نصيب ٿيو اهي به دوزخ کان محفوظ آهن، يعني الله پاڪ انهن کي نيڪ اعمال ڪرڻ، برن اعمال کان بچڻ يا انهن کي توبھ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائيندو، جنهن جي سبب دوزخ کان بچي ويندا. (سبحان الله!) حضورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسڻ واري اک جي زيارت ڪرڻ به جنّتي هجڻ جو ذريعو آهي. [2]


 

 



[1] ...ترمذی ،ابواب المناقب ،باب ما جاء فی فضل من رای النبی  و صحبہ ،صفحہ:869 ،حدیث:3862۔

[2] ... مرآۃ المناجيح ،جلد: 8 ،صفحہ:341 -342 بتغیرٍ و ملتقطاً۔