Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

   بخاري شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي. مشهور صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت ڪن ٿا، امامُ الانبيا، محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ رَاٰنِیْ فِیْ الْمَنَامِ فَسَیَرَانِی فِی الْیَقْظَۃِ  وَ لَا یَتَمَثَّلُ الشَّیْطَانُ بِیْ  يعني جنهن مون کي خواب ۾ ڏٺو، اهو عنقريب مونکي جاڳندي ۾ به ڏسندو ۽ شيطان منهنجي صورت نه ٿو اختيار ڪري سگهي.[1]

   مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جون مختلف معنائون بيان ڪيون آهن، (1): هڪ معنٰي هي آهي ته جنهن مسلمان حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خواب ۾ ڏٺو، اهو قيامت جي ڏينهن جاڳندي حالت ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شرف حاصل ڪندو (2): حديثِ پاڪ جي ٻي معنٰي هي آهي: جنهن مسلمان مڪي مدني آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خواب ۾ ڏٺو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي زندگيءَ ۾ ئي جاڳندي اکين سان به ڏسندو. [2]

   هڪ ڀيري حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه کي خواب ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، جڏهن ننڊ مان سڄاڳ ٿيا ته هن حديثِ پاڪ ۾ غور ڪرڻ لڳا ته مونکي خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿيو آهي، هاڻي حديث پاڪ جي مطابق مونکي جاڳندي ۾ به ديدار نصيب ٿيندو، ڪيئن ٿي سگهندو...؟ انهيءَ سوچ ۾ پاڻ پنهنجي ماسيءَ جان، امُّ المؤمنين حضرت ميمونه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، انهن کي سڄو واقعو ٻڌايائون، هي ٻڌي ڪري حضرت ميمونه رَضِىَ اللهُ عَنْها حضورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آئِينو مبارڪ پاڻ کي ڏنو، حضرت عبدالله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْه جيئن ئي ان آئيني ۾ ڏٺو ته پاڻ کي پنهنجو چهرو نظر اچڻ جي بدران، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو رخِ پُر نور نظر


 

 



[1] ...بخاری،کتاب التعبیر،باب من رای النبی فی المنام ،صفحہ:1703 ،حدیث:6993۔

[2] ... مرآۃ المناجیح،جلد:6 ،صفحہ:287 بتغیرٍ۔