Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay
اچڻ لڳو. [1]
چاند سے چِہرے کو چمکاتے ہوئے خواب میں کر دو کرم چشمِ کرم [2]
خواب ۾ديدارِ مصطفٰي جون مختلف تعبيرات
عظيم عاشقِ رسول علّامه يوسف بن اسماعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: جنهن خوش نصيب کي خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿيو، ان جو سينو ڪشاده ٿي ويندو آهي، دل نور سان چمڪڻ لڳندي آهي ۽ ايمان مضبوط ٿي ويندو آهي. [3]
حضرت امام جعفر صادق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: خواب ۾ انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام مان ڪنهن جي زيارت رحمت، نعمت، عزّت، بزرگي، دولت، ڪاميابي، سعادت، استقامت، قوت ۽ ٻنهي جهانن جي ڀلائيءَ جو دليل آهي. علمِ تعبير جا تمام وڏا امام حضرت امام ابنِ سِيرِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو خوش نصيب خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شرف ماڻي * اهو سڀني غمن کان راحت ماڻيندو * قرضدار آهي ته قرض کان نجات ملندي * قيدي هجي ته قيد کان نجات ماڻيندو * خوف زده هجي امن ماڻيندو * خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي جي برڪت سان ڏُڪار ۽ تنگي دور ٿيندي. [4]
* خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿيڻ دين ۽ دنيا ۾ عافيت جو دليل آهي * جيڪڏهن عالِم کي ديدارِ مصطفٰي نصيب ٿئي ته ان کي پنهنجي علم تي عمل جي توفيق ملندي آهي * عابِد کي زيارت نصيب ٿئي ته اهو ولايت جي بلند درجات تائين پهچي ويندو آهي * گناھگار کي زيارت نصيب ٿئي ته ان