Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

ڪهڙيون ڪهڙيون  برڪتون آهن...؟ اسان جي آقا ۽ مولا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري زندگيءَ ۾ جنهن دل سان نوراني چهري جي زيارت ڪئي، ان کي ايمان جي دولت نصيب ٿي * ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا شربت پيئڻ وارن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم سان الله پاڪ جنّت جو وعدو فرمايو * ديدارِ مصطفٰي سان مشرف ٿيڻ وارا صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم هدايت جا تارا بڻيا * قيامت تائين اچڻ وارن مسلمانن جا سردار قرار ڏنا ويا * جن خوش نصيبن ديدارِ مصطفٰي جو شرف ماڻڻ وارن (يعني صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ) کي ڏٺو، هي برڪتون انهن کي به مليون يعني تابعي، تبع تابعي به جنّت جا حقدرا بڻيا، انهن جي برڪت سان مشڪلاتون ٽَرنديون آهن، جيستائين هڪ به صحابي، هڪ به تابعي يا هڪ به تبع تابعي دنيا ۾ تشريف فرما رهيو، امّت خير ۽ ڀلائيءَ تي رهي.

  اهڙيءَ طرح قيامت تائين جيڪو خوش نصيب خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا شربت پيئندو، ان کي به ڪمال برڪتون نصيب ٿينديون، رحمت، عزّت، نعمت، استقامت، قُوّت، بزرگي، دولت، ڪاميابي ۽ سعادت ملندي * خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي جي برڪت سان مشڪلاتون حل ٿينديون آهن، غمَ دور ٿيندا آهن، مرادون پوريون ٿينديون آهن * ۽ سڀ کان وڏي نعمت هيءَ آهي جو خواب ۾ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار جو شرف حاصل ڪري عنقريب جاڳندي اکين سان دنيا ۾ ئي يا قيامت جي ڏينهن مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار جو شربت پيئندو، اسان جو ايمان آهي ۽ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رحمت ۾ مضبوط اميد آهي ته جنهن خوش نصيب مسلمان کي قيامت جي ڏينهن مصطفٰي جو ديدار نصيب ٿي ويو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! مصطفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي شفاعت فرمائي ڪري جنّت ۾ داخل به فرمائي ئي ڇڏيندا.

فرمائیں گے جس وَقت غلاموں کی شفاعت   مَیں بھی ہوں غلام آپ کا مجھ کو نہ بُھلانا