Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay
گهٽين ۾ نڪتا، پاڻ ڏٺائون: هڪ گهر ۾ ڏيئو ٻري رهيو آهي، هڪ پوڙهي عورت سُٽ تيار ڪري رهي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ياد ۾ نعتون پڙهي رهي هئي، ان جا شعرَ ٻڌائون ته حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه به مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ياد ۾ تڙپڻ ۽ زارو قطار روئڻ لڳا، [1]ڪجھ روايتن ۾ اچي ٿو ته ان کان بعد پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه رسول جي وڇوڙي جي غم ۾ ڪيئي ڏينهن بيمار رهيا.[2]
مشهور صحابيءِ رسول حضرت خالِد بن وليد رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مبارڪ معمول هو: پاڻ جڏهن سڄي ڏينهن جي ڪمن کان فارغ ٿي ڪري بستري تي سمهندا هئا ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جا نالا وٺي ڪري انهن کي ياد ڪندا ۽ روئيندي روئيندي چوندا هئا: منهنجي دل انهن ئي جي ياد ۾ تڙپندي آهي پر هاءِ! جدائيءَ جون گهڙيون ڊگهيون ٿينديون پيون وڃن، پاڻ انهن حَسِين يادين ۾ گُم رهندا، سڏڪا ڀري ڪري روئيندا هئا، آخرڪار انهيءَ حالت ۾ سمهي رهندا هئا.[3]
سر ہو چوکھٹ پہ خَم، تاجدارِحرم یہ نِکل جائے دَم، تاجدارِ حرم!
یہ رہا میرا سَر، سینہ قلب و جگر رکھ دو آقا قدم، تاجدارِ حرم!
آئیے خواب میں ، قلبِ بے تاب میں سَروَرِ محترم، تاجدارِ حرم![4]
ڪاش! اسان کي به اهڙو عشق نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به راتين جو اٿي اٿي ڪري يادِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ روئيندا ڪريون، ڪاش! مديني جي