Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

وڇوڙي جو غم تڙپائي، ڪاش! مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار جي طلب اهڙي غالب اچي جو پنهنجي غلام جي بُري حالَ تي رحم کائي ڪري غم خوار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تڙپندي دل کي سڪون ڏيڻ، سڙندڙ سيني جي باھ وسائڻ جي لاءِ تشريف کڻي ئي اچن.

قسمت مِری چمکائیے چمکائیے آقا!                     مجھ کو بھی درِ پاک پہ بُلوائیے آقا!

سینے میں ہو کعبہ تو بسے دل میں مدینہ                      آنکھوں میں مری آپ سما جائیے آقا!

بے تاب ہوں بے چَین ہوں دیدار کی خاطر                              لِلّٰہ!  مِرے  خواب  میں  آجائیے   آقا![1]

  پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف کڻي اچن يا نه اچن، هيءَ انهن جي رضا آهي، باقي اسان کي گهرجي ته پاڻ ديدار جي طلب ڪيون، اڳتي انهن جو ڪرم آهي.

   اچو! ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ وظيفو ٻڌون ٿا: شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني پنج سوره صفحي: 167 تي فرمائن ٿا:

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی رُوْحِ مُحَمَّدٍ فِی الْاَرْوَاحِ وَعَلٰی جَسَدِہٖ فِی الْاَجْسَادِ وَعَلٰی قَبْرِہٖ فِی الْقُبُوْرِ

  پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ شفاعت نشان آهي: جيڪو شخص هي درودِ پاڪ پڙهي ان کي خواب ۾ منهنجي زيارت ٿيندي، ۽ جنهن خواب ۾ مون کي ڏٺو اهو مون کي قيامت جي ڏينهن به ڏسندو ۽ جيڪو مونکي قيامت جي ڏينهن ڏسي وٺندو مان ان جي شفاعت ڪندُس ۽ مان جنهن جي شفاعت ڪندُس اهو حوضِ ڪوثر جا شربت پيئندو ۽ ان جي جسم کي الله


 

 



[1] ...  وسائل بخشش، صفحہ:176 ۔