Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay
مان آهن، اڪثر بارگاھِ رسالت ۾ حاضر رهندا هئا، ديدار جا شربت به پيئندا ۽ علمِ دين به سکندا هئا، هڪ ڏينهن سندن بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! جڏهن اوهان جي نوراني چهري کي ڏسندو آهيان ته (غمَ وسري ويندا آهن) دل خوشي وچان جهومڻ لڳندي آهي ۽ اکيون ٿڌيون ٿي وينديون آهن.[1] * هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اوهان مونکي منهنجي اولاد کان به وڌيڪ پيارا آهيو، جڏهن مان گهر هوندو آهيان ته اوهان جي ياد تڙپائيندي آهي، پوءِ مون کان صبر ناهي ٿيندو ۽ مان ديدار جي لاءِ هليو ايندو آهيان.[2] * هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار جي جلوي ۾ ايئن گُم ٿيو جو اک به نه ڇنڀيائين، گهوري ڪري ڏسندو ئي رهيو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جڏهن انهن کي هن طرح ڏٺو ته فرمايائون: ڇا معاملو آهي؟ (ايئن ڇو ڏسي رهيو آهين؟) عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين، اوهان جي نوراني چهري جي زيارت مان لذّت حاصل ڪري رهيو آهيان.[3]
اُن صحابہ کی خوش اطوار نگاہوں کو سلام جن کا مسلک تھا طوافِ رُخِ زیبا کرنا
اي عاشقانِ رسول! هي آهي حُسنِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نرالو شان، جيڪو ڏسندو آهي اهو ڏسندو ئي رهجي ويندو آهي. جنگِ احد ۾ هڪ انصاري صحابيه رَضِىَ اللهُ عَنْها جا پيءُ ڀاءُ ۽ مڙسُ شهيد ٿي ويا. انهن کي هيءَ خبر ملي ته ڪا پرواھ نه ڪيائون ۽ پڇيائين: هي ٻڌايو ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ