Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

      حضرت فُضاله بن عُبيد رَضِىَ اللهُ عَنْه صحابيءِ رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ويٺا هئا، هڪ شخص آيو، ان نماز ادا ڪئي، پوءِ نماز کان فارغ ٿي ڪري هيئن دعا ڪرڻ لڳو: اَللّٰہُمَّ اغْفِرْلِیْ وَارْحَمْنِیْ اي الله پاڪ ! منهنجي مغفرت ڪر ۽ مون تي رحم فرماءِ. ان تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي نمازي! تو جلدي ڪئي، جڏهن تون نماز پڙهين ته فارغ ٿيڻ کان بعد ويهي رھ! پوءِ الله پاڪ جو حمد (Praise) ڪر جهڙو سندس شان جي لائق آهي، پوءِ مون تي درود پڙھ، پوءِ دعا گُهر!

    حضرت فُضاله بن عبيد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ڪجھ ئي دير کان پوءِ هڪ ٻيو شخص آيو، ان به نماز پڙهي، پوءِ ويهي رهيو، الله پاڪ جو حمد ڪيائين، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود پڙهيائين، رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَیُّہَا الْمُصَلِّیْ اُدْعُ تُجَبْ اي نمازي! دعا گهر تنهنجي دعا قبول ڪئي ويندي([1])

    حضرت علّامه مُلّا علي قاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پهرين نمازيءَ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ بنا وسيلي جي دعا ڪئي هئي، حالانڪه دعا ڪرڻ واري جو حق آهي ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجي حاجت بيان ڪرڻ کان پهريان وسيلو پيش


 

 



[1] ترمذی، کتاب الدعوات، صفحہ:798، حدیث:3477 ۔