Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati
انهن ٻنهي جا طلبگار آهن، توهان دنيا جا طلبگار نه بڻجو! آخرت جا طلبگار بڻجو...!! بيشڪ اڄ عمل جو ڏينهن آهي، اڄ حساب ناهي، سڀاڻي عمل جو وقت ناهي، حساب جو ڏينهن هوندو.([1])
حِرْصِ دُنیا نکال دے دِل سے بس رہوں طالِبِ رِضا یارَبّ!
ہائے حُسْنِ عَمَل نہیں پلّے حشر میں میرا ہو گا کیا یارَبّ!
خوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو خاکِ طیبہ کا واسطہ یارَبّ!
دِل کا اُجْڑا چمن ہو پھر آباد کوئی ایسی ہَوَا چلا یارَبّ!)[2](
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله ُ عَلٰي مُحَمَّد
صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مون ڏٺو: پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کجيءَ جي تڏي تي آرام فرمائي رهيا آهن ۽ سندن جسم مبارڪ تي تڏي جا نشانَ پئجي ويا آهن، مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان کي اجازت ڏيو! ته هن نُکَ تي ڪو هنڌ وڇائي ڇڏيندا ڪريون ته جيئن اوهان سڪون سان آرام فرمائي سگهو. هي ٻڌي ڪري هادي رحمت، مالڪِ ڪونين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: منهنجو دنيا سان ڪهڙو تعلق...؟ منهنجو ۽ دنيا جو مثال ته اهڙو آهي جيئن ڪو مسافر سخت گرميءَ جي ڏينهن سَفر ڪري رهيو هجي، ان دوران اهو ڪنهن وڻَ جي هيٺان ترسي،