Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

گهڙي کَن آرام ڪري، پوءِ پنهنجي واٽ وٺي هليو وڃي.([1])

ہے چٹائی کا بچھونا، کبھی خاک ہی پہ سونا          کبھی ہاتھ کا سرہانا مدنی مدینے والے!

تری سادگی پہ لاکھوں، تری عاجزی پہ لاکھوں     ہوں سلامِ عاجزانہ مدنی مدینے والے!)[2](

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! هي حقيقت  (Reality) آهي، اسان سڀئي مسافر آهيون، هي دنيا ڄڻ ته صحرا (ريگستان) ۾ هڪ وڻ آهي، مسافرَ ايندا آهن، گهڙي کَن هتي ترسندا آهن ۽ پوءِ  آخرت جا راهي ٿي ويندا آهن. ڇا ڪو مسافر رستي ۾ ڪنهن مقام تي دل لڳائيندو آهي؟ اسان به زندگيءَ ۾ سفر ڪندا رهندا آهيون، ڪڏهن ايئن ٿيو آهي ته اسان سفر تي هجون، رستي ۾ ڪو نهايت ئي خوبصورت مقام اچي ته اسان اتي دل لڳائي هجي ته بس هاڻي گهر ناهي وڃڻو، هاڻي زندگي هتي ئي گذارڻي آهي؟ يا رستي ۾ کاڌو وغيره کائڻ جي لاءِ ڪنهن هوٽل تي ترسيا هجون پوءِ اتي ئي دل لڳائي ويٺا هجون؟ نه...!! ايئن ناهي ٿيندو. مسافر سفر جي دوران ڪيئي خوبصورت مقامات ڏسندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هوٽلن وغيره ۾ ترسندو آهي ته گهر  جي نسبت وڌيڪ آرام محسوس ڪندو آهي، ان جي باوجود اهو اتي دل ناهي لڳائيندو، اتان جي نعمتن ۾ گُم ناهي ٿي ويندو، جلدئي پنهنجي گهر موٽي ويندو آهي. هيءَ دنيا به اهڙي ئي آهي، اسان سڀ ئي مسافر آهيون، ڪجھ عرصي جي لاءِ هتي ترسيا آهيون، جلدئي آخرت جي سفر تي روانا ٿي وينداسين.

 الله پاڪ پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان کي دنيا کان بي رغبتي نصيب فرمائي! ڪاش! اسان آخرت جو فڪر ڪرڻ وارا


 

 



[1] الزہد والرقائق امام ابن المبارک، باب فی التواضع و کراہیۃ الکبر، صفحہ:54، حدیث:195۔

[2] وسائل بخشش، صفحہ: 426۔